ٺري ميرواھ

صوبائي پ پ پ اڳواڻ تعلقي ميرواه جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو

Nisar
نثار شر
بوزدار وڏا (جمشيد احمد بلوچ) صوبائي پ پ پ اڳواڻ نثار احمد بلوچ تعلقي ميرواه جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو تفصيل موجب پ پ پ اڳواڻ نثار احمد ڳوٺ ظفر علي شر ۾ مير هزار شر وٽ چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ، درگاه غلام حيدر گودڙيه جي درگاه تي حاضري ۽ درگاه هادي حسن شاه تي پڻ دعا گهري جنهن بعد مختلف ڳوٺن بهڻ ، مهراڻي ، صبڙ رند ، رسول پور ۾ عذر خواهين تي دعا گهري ۽ مختلف ماڻهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون، ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ نثار احمد بلوچ انڊس نيوز سان ڳالهائندي چيو ته پ پ پ حڪومت هر مڪنن غريب بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي مخالف واويلا ڪندڙ جمهوريت جا دشمن آهن، حڪومت پنهجو مدو پورو ڪندي ، موجوده حڪومت هزارين نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي هر ممڪن عوامي مسئلا حل ڪيا ويندا صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري سان هر ڪارڪن ۽ عوام جو ساٿ رهندو .ان موقعي تي رئيس حاجي احمد بخش، سردار علي شر ، انجنيئر احمد علي ايڊوڪيٽ نصرت علي ، شڪيل احمد سولنگي ، قائم علي ،شهزاد علي ، جمشيد احمد ،علي اصغر دشتي ، مير هزار شر ،رزاق احمد جوڳي ۽ ٻيا موجود هئا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button