ٺري ميرواھ

مختيار ڪار جي مبيعنه زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

tapedarٺري ميرواه ( جمشيد احمد شر) سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور پاران ڪنگري تعلقه جي مختيار ڪار جي مبيعنه زيادتين خلاف ضلعي جي صدر الله ورايو شر ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هنن احتجاج ڪندي ميديا کي بڌايو ته ڪنگري جو مختيارڪار تپيدارن کي بلا جواز تنگ ڪري رهيو آهي انهي سلسلي ۾ تپيدارن رابطا مهم ۾ اڄ 22/1/12 تي ٺري ميرواه ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي وئي جنهن بعد هڪ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو ضلعي تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور جي صدر تپيدار الله ورايو شر انڊس نيوز سان ڳالهائيندي بڌايو ته هڪ مهيني کان هلندڙ قلم ڇڏ ۽ وصولي جو بائيڪاٽ سڄي ضلعي ۾ جاري آهي سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور جي صدر وڌيڪ بڌايو ته سڀاڻي سيشن ڪورٽ خيرپور اڳيان بک هڙتال سميت مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رهندو ان موقعي تي الله ورايو انتظاميه تي الزام هڻندي بڌايو ته احتجاج ۾ شامل دوستنن کي حراسان ڪيو پيو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون جيڪڏهن ڪنگري جي مختيار ڪار گل بيگ مجيداڻو کي هٽائڻ سميت ٻين جائز مطالبن کي تسليم نه ڪيو ويو ته اسين شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مزار اڳيان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رکنداسين جنهن جي ذميواري خيرپور انتظاميه جي هوندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button