سنڌ جو وڏو
مولائي سليمان ھالو
بشير خان قريشي سنڌ جي قومي تحريڪ جو هڪ نئون دڳ آهي هي شخص جڏهن وهڻين وسندين ۾ پهچندو هيو تڏهن ماڻهو کيس ورائي ورائي پيار منجهان ڏسندا هيا ۽ هن شخص کي ڪيترا بزرگ وڏو به چوندا هيا هن شخص ٿوري وقت ۾ ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجو گهر جوڙي ڇڏيو هيءُ اهڙو تحرڪ هو جيڪو انهي سطح تي نه سائين جي ايم سيد پيدا ڪري سگهيو نه ذوالفقار علي ڀٽو نه بينظير ڀٽو نه عبدالواحد آريسر نه رسول بخش پليجو سچ اهو آهي ته هو سڀن کان اڳتي نڪري ويو پنهنجي شخصيت ۾ هي ساڌو سنواٽو عاجزي پسند هن جي ملڻ جو انداز سادو ۽ سڀن کان نرالو هيو ننڍو هجي چاهي وڏو هجي جڏهن بشير خان سان اچي ڀاڪر لڳائيندو هيو ته شهيد بشير خان ڀاڪر پائي کيس چمي ڏئي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيندو هيو.
ان لحاظ کان سنڌ جي قومي تحريڪ جي جن شخصيتن شاندار ۽ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو آهي ان ۾ شھيد بشير خان قريشي جو ڳاڻيٽو مٿاهون ۽ بلند آهي هن پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار جون جيڪي مظبوط سرون اوساري رکيون آهن اهي هميشه منفرد انداز ۾ ڏسڻ ۾ اينديون هي شخص جنهن کي تاريخ وڏو وڏو ڪري سڏيندي آهي هو شخص رڳو قد جو بلند نه ڪردار جو به بلند هيو هر موڙ تي مٿانهون ۽ هر حال ۾ اوچي ڳاٽ رهيو ان شخص تي سنڌ ائين فخر ڪندي رهندي جيئن فلسطين کي پنهنجو اڻموٽ ويڙهاڪ ابو جهاد تي ۽ غني بسائو کي پنهنجي عظيم اڳواڻ ايلمڪار ڪئبرال تي فخر هوندو.
بشير خان قريشي لاڙڪاڻو رتوديرو جو الهڙ ڇوڪرو جنهن کي سنڌ جا نوجوان ائين محبت ڪندا هئا جيئن چڪور چنڊ سان محبت ڪندو آهي هن جي هڪ حڪم تي نوجوان ڪڪوريل ٻانهُن جا هار ۽ رسيلن چپن جون چميون به ڇڏي هن جي اڳيان اچي بيهندا هيا هن سان محبوبا کان محبت ڪندڙ نوجوان جڏهن سامهون ايندا هئا ته بشير خان قريشي نه ڇوڪرن جي هٿ جي ترين تي چميون ڏئي ڪارڪنن کي ماءُ جي هنج جيترو پيار ڏيندو هيو ته اهي ڇوڪرا رسيلين چمين جو لطف وساري ويهندا هيا.
رتوديرو جو هي الهڙ ڇوڪرو جيڪو اڳتي هلي سڄي سنڌ جي دلين ۾ ڌڙڪڻ لڳو ان نوجوان کي پوري سنڌ بشير خان قريشي جي نانءُ سان سڃاڻي ٿي.
10 آگسٽ 1959 تي موٽڻ پور محلي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ وطن جي مٽيءَ مان ڳوهجي غلام مرتضي قريشي جي گهر جيجل ماءُ غلام صغران جي ڪک مان جنم وٺندڙ بشير احمد قريشي پنهنجي زندگي جي پهرئين دور جي ٻالڪ پڻي جا ڏينهڙا رتيديري جي مٽي هاڻن گهٽين رستن پيچرن ۽ دڳن تي رانديون ڪندي گذاري ٿو.
هن مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي اباڻي شهر رتوديرو مان حاصل ڪئي انٽر شڪارپور ڪاليج مان حاصل ڪرڻ بعد جڏهن هي شخص جواني جي جوڀن ۾ داخل ٿئي ٿو ته پنهنجي ڳوٺ رتوديرو کان تعليم پرائڻ لاءِ 1976 ۾ ٽنڊو ڄام ذرعي يونيورسٽي ۾ اچي پڙهائي شروع ڪري ٿو.
هي جڏهن ذرعي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو ته سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هو اڳتي هلي سنڌ جي حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿي جيل جي دال ماني کائيندو. ۽ پوري سنڌ جي ماڻهن جو محبوب بڻجي ويندو پر زرعي يونيورسٽي جي ماحول کيس عشق جي ان ماحول تي آڻي بيهاريو جتان موٽڻ مهڻو هوندو آهي زرعي يونيورسٽي ان وقت سنڌو ديش جو مورچو هوندي هئي ان دور ۾ هن ارڏي پٽ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي هي بهادر بي ڊپو انسان 1980 ۾ جساف زرعي يونيورسٽي جو ضلعي صدر چونڊيو ويو ۽ ٿوري ئي وقت ٻن سالن بعد جساف جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو 1986 ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو هن جساف جي سياست دوران شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جاکوڙيو ۽ انتظاميا سان مهاڏو اٽڪايو جنهنڪري کيس ٻه ڀيرا ريسٽيگيٽ ڪيو ويو.
1976 پهرئين سال ۾ ئي کيس ريسٽيگيٽ ڪيو ويو 1981 ۾ سندس ريسٽيگيشن بحال ٿي پر وري ساڳئي سال ٻيو ڀيرو ريسٽيگيٽ ڪيو ويو سختين مٿان سختين باوجود هي شخص اڳي کان اڳڀرو.
1978 ۾ پهريون ڀيرو بشير خان قريشي کي ٽنڊو ڄام مان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ٽوڙهي ڦاٽڪ واري دردناڪ سانحي تائين جيل ۾ رهيوان بعد سندس گرفتارين جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿيو.
جڏهن بشير خان قريشي سائين جي ايم سيد جي ملاقات لاءِ سن پهتو ۽ سائين جي ايم سيد سان وڏي عاجزاڻي انداز ۾ مليو سائين جي ايم سيد سان ملاقات بعد بشير خان قريشي سان جي ايم سيد جي مليل محبت ۽ پيار مان مائل ٿي ويو.
ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو ( 17 آڪٽوبر 1984ع ) سندس زندگي ۾ فيصله ڪن ثابت ٿيو، بشيرخان قريشي جيئن جيل مان نڪتو ته متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو ۽ ضياء مارشل لا خلاف متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين، هڪ ڀيرو ٻيهر ( 15 جنوري 1985ع ) تي شيخ ڀرڪيي مان گرفتار ڪري مختلف جيلن ۽ ٿاڻن ۾ رکي اذيتون ڏنيون ويون ۽ ڪيترو عرصو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ بند وارڊ ڪيو ويو.
ان ئي بند وارڊ دوران فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کيس هڪ سال قيد ڏهن ڪوڙن جي سزا ڏني وئي
ان دوران مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو آڙا ٻيڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون پيرن ۾ هڻي کيس بجلي شاڪ پڻ ڏنا ويا بشير خان قريشي جيل جي سموري عرصي ۾ نھايت ئي بھادريءَ جو مظاهرو ڪيو. 1986 ۾ سنڌي مهاجر جهيڙن دوران 18 مهينا سزا ڏئي کيس لانڍي جيل موڪليو ويو جتان آزاد ٿي ٻيھر سرگرمين ۾ حصو ورتائين ۽ گل محمد جکراڻي سان گڏجي جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وجهي ڪم ڪرڻ لڳو سندس سرگرمين تي سرڪار جي گهري نظر هوندي هئي 2 جنوري 1994 تي ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو
بشير خان قريشي اڃان جيل ۾ هو ته 25 اپريل 1995 تي سائين جي ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو 1998 ۾ بشير خان قريشي جسقم جو پهريون دفعو چيئرمين ٿيو ان بعد لڳاتار جسقم جو چيئرمين رهيو 17 جنوري 1999 تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تان واپسيءَ بعد کيس گرفتار ڪري 11 مهينا جيل ۾ رکيو ويو ان کان پوءِ 2000ع ۾ ڪراچي ۾ ڌرڻي دوران سيد زين شاھ سميت گرفتار ٿيو ۽ اڌائي مهينا جيل ۾ رکيو ويو آخري ڀيرو 15 سيپٽمبر 2011 تي ڪراچي ۾ رينجرس گرفتار ڪيو ۽ سندس لائسنس وارا هٿيار ضبط ڪيا بشير خان قريشي عمل پيڙا ۽ جاکوڙيندڙ انسان هيو.
ڪالا باغ ڊيم، ٿل ڪئنال، ان ايف سي وارڊ، ڌارين جي آبادڪاري، معاشي وسيلن جي ڦرلٽ، قومي ڪارڪنن جي گمشدگي، ذوالفقار آباد رٿا ۽ ٻين قومي مسئلن تي ڪامياب ڌرڻا هڻائي قومي تحريڪ ۾ ڌرڻن جي هڪ نئين روايت قائم ڪئي هن ڪيترائي ڌرڻا هڻائي پنجاب جي رسد بند ڪئي 10 جون 2005 تي ٻٻرلوءِ واري ڌرڻي دوران رستي ۾ ڪوٽڏيجي وٽان قلعي تان سندس قافلي تي گولين جي بوڇاڙ ڪئي وئي جنهن ۾ سندس گاڏي مڪمل پڙوڻ ٿي وئي جنهن ۾ هڪ ڪارڪن عبدالحق ميراڻي شهيد ٿي ويو ٻيو حملو سندس مٿان 2007 سائين جي ايم سيد جي سالگرھ واري جلسي ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪارڪنن همٿ ڪري حملي آورن کي پڪڙيو. هڪ ٻيو حملو 2009 ڪراچي ۾ ٿيو جنهن ۾ بشير خان قريشي سان گڏ ٺٺي ضلعي جو صدر مشتاق خاصخيلي شهيد ٿيو حملي دوران هڪ حملي آور به مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿيو. اهڙي طرح سندس ڪراچي واري گهر تي به ڪيترائي ڀيرا فائرنگ ڪئي وئي، بشير خان قريشي پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي پيغام سنڌ مارچ ڪرايا جن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ نعرا ڇا گونجيا هيا ايوانن ۾ ويٺل ڪارندا پنهنجون ڪرسيون ڇڏي ڀڄي ويا هئا بشير خان قريشي 2007 ۾ سکر کان ڪراچي 700 ڪلوميٽر مارچ پنڌ ڪري سکر کان سڄي سنڌ مان گذرندو پيرين پنڌ ڪراچي پهتو جنهن تي سنڌ جي لکين عوام بشير خان قريشي تي سنڌ جي شهر شهر مان گلن جي ورکا ڪئي، ۽ گلن جا هار پاريا. ۽ بشير خان قريشي گهر گهر آزاديءَ جو پيغام پهچايو بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ جا ڏھ سال جيل جي بند ڪوٽن ۾ گذاريا.
بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ جو آخري مارچ 23 مارچ 2012 "سنڌ گهري ٿي آزادي” ڪرايو هو ان ۾ ماڻهن جو تعداد لکن ۾ هو بي بي سي جي رپورٽ موجب ماڻهو 25 لک کان مٿي هئا بشير خان قريشي پنهنجي آخري تقرير ۾ چيو ته عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي هڪ ڀيرو وري نئين سر دار و رسن کي سينگارڻ گهران ٿو اهو ئي مارچ بشير خان قريشي جي شهادت جو سبب بڻيو.
هن سرڪش ۽ اڏول انسان جي زندگي جي سفر جي پڄاڻي 7 اپريل 2012 تي پيالي سان ڪرائي وئي پاڻ سڪرنڊ ۾ هڪ قومي ڪارڪن وٽ ترسيل هيو
جتي ڪيترائي ماڻهو ساڻس ملڻ آيا هيا اتي ئي اڍائي وڳي کيس تڪليف ٿي ۽ ٿوري وقت ۾ ساھ جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو
شهيد بشير خان قريشي جي شهادت جي خبر ڇا نشر ٿي ماڻهن جي ته ساھ جي تند ڪجھ گهڙين لاءِ رڪجي وئي هئي ان رات جو ئي سڄي سنڌ مان قافلا رتوديرو روانا ٿيا ۽ پنهنجي محبوب جي آخري ديدار لاءِ رتوديرو پهتا جيڪو زندگيءَ ۾ لکين ماڻهن سان گڏ هوندو هيو ان آخري وقت به لکين ماڻهو گڏ ڪري ڏيکاريا هر اک آلي ننڍو توڙي وڏو هر ماڻهو جي پارن ۽ اڇگارن جا آواز سڄي سنڌ اندر گونجي رهيا هئا ته اڄ هڪ بشير خان قريشي دفن نه پر اڄ سنڌ پئي دفن ٿئي.