ھنڱورجا

ھنڱورجا: سيٺارجا اسٽيشن تي شاليمار ۽ عوام ايڪسپريس جا اسٽاپ بحال ڪريو، جماعت اسلامي جي اڳواڻ جو مطالبو

عزيز ميمڻ،هنڱورجا

Dr Syed Javed Hussain Shah
ڊاڪٽر سيد جاويد حسين شاھ

جماعت اسلامي سيٺارجا جي صدر ڊاڪٽر سيد جاويد حسين شاھ ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي خط لکي سيٺارجا اسٽيشن کي شاليمار ايڪسپريس ۽ عوام ايڪسپريس جا اسٽاپ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي .ڊاڪٽر جاويد حسين شاھ پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪرونا وائرس سبب شروعاتي ڏهاڙن ۾ لاڪ ڊائون کان اڳ مختلف ٽرينن جا سيٺارجا ۾ اسٽاپ هئا جيڪي ختم ڪيا ويا آهن مختلف ٽرينن جي اسٽاپ ختم ٿيڻ سان سيٺارجا ، هنڱورجا،ڏيپارجا،ٺري ميرواھ سميت مختلف شهرن جا رهواسي جيڪي  ڪراچي توڙي پنجاب جي مختلف شهرن ڏانهن ٽرين ذريعي سفر ڪندا هئا پر اسٽاپ ختم ٿيڻ سبب هزارين شهري توڙي واپاري سخت پريشان آهن جنهن ڪري سيٺارجا ريلوي اسٽيشن تي شاليمار ايڪسپريس ۽ عوام ايڪسپريس سميت ٻين ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button