ھنڱورجا

هنڱورجا: اسسٽنٽ مختيارڪار پاران ڇاپا ، دڪاندارن کان ڏنڊ وصول

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

Assistant Mukhtiarkar

اسسٽنٽ مختيارڪار راشد شاهنواز راڄپر هنڱورجا ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن هوٽلن ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن تي ڇاپا ڪيترن ئي دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيا اسسٽنٽ مختيارڪار راشد شاهنواز راڄپر هنڱورجا اسٽاپ تي هوٽل تي ايس او پيز تي عمل نه ڪرن سبب هڪ هزار روپيا جڏهن ته هڪ ٻئي هوٽل کان پنج سو روپيا پنجهٽي بازار ۾ موبائيل شاپ جي دڪان پنج سو روپيا ، نسوار جي دڪان هڪ هزار روپيا جڏهن ته جنرل اسٽور جي دڪان کان پنج سو روپيا ڏنڊ وصول ڪيو ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار راشد شاهنواز راڄپر دڪاندارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته ماسڪ ۽ سينيٽائيزر جو استعمال لازمي ڪن ۽ دڪان تي ايندڙ خريدارن ۾ سماجي وٿي جو خاص خيال ڪن ٻئي صورت ۾ انهن جي خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button