فن ۽ فنڪار

اڄ جو ڪلاڪار مهيش لالواڻي

جوڳي اسد راڄپر

IMG 20200307 WA0005مهيش لالواڻي سنڌي ڳائڻو آهي، جيڪو سنڌي ۾ گيت ۽ ڀڄن ڳائيندو آهي. هي مڇ بلوچستان جو رهاڪو آهي، هن مڇ ڪاليج کان ايف ايس سي جي تعليم حاصل ڪئي آهي. راڳ ڳائڻ سندس شوق آهي ۽  هي سنڌي گيت ۽ سنڌي ۾ ڀڄن ڳائيندو آهي. سندس ميوزڪ ڪمپني مهيش لالواڻي ميوزڪ جي نالي سان آهي.

مهيش لالواڻي کي ننڍپڻ کان راڳ ڳائڻ جو شوق ٿيو، هي راڳ رنگ جي محفلن ۾ ويندو رهندو هيو، اُتي راڳ ٻُڌي کيس پنهنجي اندر ۾ لڪيل ڪلاڪار کي ٻاهر آڻڻ ۽ گيت ڳائي پنهنجو آواز ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪلپنا جاڳي. جنهنکانپوءِ هن مختلف فنڪارن سان گڏجي گيت ڳائڻ شروع ڪيا، جتي هي طبلو وڄائڻ سکيو جنهنکانپوءِ هارمونيم وڄائڻ پڻ سکيو. راڳ جي سکيا اُستاد ضياالحق کان ورتائين، جنهنکانپوءِ وڌيڪ پاڻ محنت ڪري مشق ڪرڻ سان راڳ ڳائڻ سکيو آهي.

IMG 20200307 WA0003
مهيش سنڌي ۾ ڀڄن ۽ سنڌي راڳ ڳائيندو آهي، ان سان گڏوگڏ ماڻهن پاران فرمائش ڪيل مختلف سنڌي گيت ۽ باليووڊ گانا سنڌي ۾ ڳائيندو آهي، باليوڊ جي انهن گيتن جي سنڌي ۾ ڪويتا (شاعري) هي پاڻ رچيندو (ڪمپوز ڪندو) آهي. انهن گيتن جي وڊيوگرافي پڻ پاڻ ڪندو آهي.

هن پنهنجي پهرئين پرفارمنس مڇ سينٽرل جيل اسٽيڊيم ۾ 14 آگسٽ جي فنڪشن تي گيت ڳائي ڪئي هئي. ان سميت مڇ مندر، ڪوئيٽا مندر ۽ ٻين مختلف محفلن ۾ مون گيت ۽ ڀڄن ڳائيندو آهي.
IMG 20200307 WA0007
البم
مهيش لالواڻي جا هينئر تائين ٻه البم آهن
1. جيئي سماڌا 2. جيئي جهولي لال.
ان کانسواءِ ٻيا البم پڻ رليز ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن.
جهولي لال البم ۾ گانو منهنجي ٻيڙي اٿئي وچ سِيرَ تي، ۽ جيئي سماڌا البم جا مشهور ڀڄن هن ريت آهن ، توکي سماڌن وارو سائين چوان، تنهنجي هٿ ۾ هٿ ۾ قسمت آ، سائنڻ، آئي اوتاري، جهولي لال سائين،  شامل آهن.
انکانسواءِ هي باليووڊ جا گانا سنڌي ۾ مڪس ڪري سنڌي انداز ۾ ڳائيندو آهي، سندس سمورا گيت مهيش لالواڻي ميوزڪ يوٽيوب چينل تي موجود آهن.

مهيش لالواڻي کان هڪ سوال جي جواب ۾ جهن جو چوڻ هيو ته هو ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ نيس ڪيفي جي سنڌي سيشن ۾ پرفارم ڪرڻ چاهي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته
ميوزڪ ۾ ماڻهو پاڻ کي تازگي محسوس ڪندو آهي. ميوزڪ جي رچنا (ميوزڪ ڪمپوز ڪرڻ) سندس شوق آهي.
ڀڄن جي فن ۾ هي اڳتي هلي ڀڄن اڪيڊمي کولڻ چاهي ٿو، جتي ڀڄن ڳائڻ ۽ راڳ جا ٻيا نمونا سکڻ جي شوقينن کي هي ڀڄن ۽ سنڌي راڳ سيکارڻ جي آشا رکي ٿو.

سنڌ جو نالي وارو ڪلاسيڪل راڳي گجڻ فقير اوڏ لاڏاڻو ڪري ويو

دپيڪا پدوڪون به هالي ووڊ ۾ جوهر ڏيکاريندڙ ڀارتي اسٽارز جي فهرست ۾ شامل

انٽرنيٽ جتي ٻين ڪيترن ئي شين لاءِ سوَلائي پيدا ڪئي آهي اُتي انٽرنيٽ سان ميوزڪ کي پڻ وڏو لاڀ مليو آهي، خاص ڪري انٽرنيٽ وسيلي فنڪارن لاءِ پنهنجي گيتن جي رچنا کي عوام تائين تُرت ۽ ڦڙتيلو طريقي سان پهچائڻ جو ذريعو سوشل ميڊيا سائيٽون آهن. مهيش لالواڻي پنهنجو ميوزڪ وڊيوز سوشل  ميڊيا جي سمورين سائيٽن جهڙوڪ يوٽيوب تي پنهنجي چينل مهيش لالواڻي ميوزڪ، انسٽاگرام، فيس بُڪ، ٽڪ ٽاڪ وغيره تي رکندو آهي، جتي عوام سميت پرستارن پاران کيس وڏي موٽَ ۽ پذيرائي ملندي آهي.
IMG 20200307 WA0008
ايوارڊ
14 آگسٽ 2017، تي مڇ سينٽرل جيل انتظاميا هڪ ميوزڪ محفل منقعد ڪئي جتي مهيش پڻ پرفارمنس ڏني هئي ۽ کيس مچ سينٽرل جيل سپرينٽينڊينٽ ايس ايس پي نويد الياس ايوارڊ ڏنو هيو. ان سميت مختلف ٻيون شيلڊون پڻ مليون اٿس.
آخر ۾ مهيش لالواڻي پنهنجي پرستارن پاران سندس ميوزڪ کي پسند ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي سوشل ميڊيا هينڊلز تي ماڻهن پاران سُٺِي موٽَ ڏيڻ لاءِ سندن ٿورا مڃيان.
IMG 20200307 WA0004
ڪالم نگار (جوڳي اسد راڄپر) سنڌي وڪيپيڊيا جو سرگرم ڀاڱيدار۽ سنڌي مُترجم آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button