حيدر آباد

موهن جي دڙي مان دريافت ڪيل سيوريج سسٽم کي حيدرآباد جي قاسم آباد تعلقي ۾ متعارف ڪرائڻ جي سفارش

sewer mohenjo daroحيدرآباد: پاڻي جي نيڪال جي ماهر انجنيئرن پاران موهن جي دڙي مان دريافت ڪيل سيوريج سسٽم کي حيدرآباد جي قاسم آباد تعلقي ۾ متعارف ڪرائڻ جي سفارش ڪندي ان سلسلي ۾ 228.715 ملين رپين جي ڪٿيل لاڳت سان هڪ رٿا پڻ تيار ڪئي وئي آهي جنهن تي عملدرآمد لاءِ ضلعي حۡڪومت حيدرآباد جي لاڳاپيل فورم ( ايڇ ڊي پي) ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو آهي _ ڊي سي او حيدرآباد جناب احمد بخش ناريجو هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو ته پاڻي جي نيڪال وارو مسئلو خاص طور تي قاسم آباد جو هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي حڪومت جي نه فقط وڏي رقم خرچ ٿيندي رهي آهي ۽ ناقص ڪارڪردگي سبب اربين رپين جي سرڪاري انفراسٽرڪچر ۽ ماڻهن جون ملڪيتون تباهه ٿي رهيون آهن انڪري هاڻ اهو لازم ٿي پيو آهي ته قاسم آباد ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ هڪ دفعو اهڙو نظام متعارف ڪرايو وڃي جنهن سان ماڻهن کي بنيادي سهولتن سميت ماڻهن جي ملڪيتن کي پڻ محفوظ بڻائي سگهجي.هن چيو ته موجوده حڪومت حيدرآباد جي ترقي لاءِ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان نئين سر حيدرآباد ڊولپمينٽ پيڪيج منظور ڪيو آهي جنهن سان هلندڙ سال کانپوءِ 620 ملين رپيا منظور ڪيا ويا آهن _ هن چيو ته ان رقم مان قاسم آباد جي ترقي، خوبصورتي ۽ پاڻي جي نيڪال جو اثرائتي ڍانچووجهڻ لاءِ ماهرن پاران 620 ملين رپين جي لاڳت سان چئن وڏين رٿائن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 239.407 ملين رپين جي لاڳت سان حيدرآباد باءِ پاس ۽ واڌ و واهه روڊ وچ ۾ انٽر چينج ۽ انڊر پاس جي تعمير ، 278.715 ملين رپين جي لاڳت سان موهن جي دڙي واري طرز تي برڪس لائين آر سي سي سِيور( بلس ) جي تعمير ، 67.923 ملين رپين جي لاڳت سان آٽو ڀان روڊ لاءِ برسات واري پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊرين جي تعمير ۽ 51.663 ملين رپين جي لاڳت سان بلس تحت جوڙيل پاڻي جي نيڪال وارين لائينن مٿان سيمينٽيڊ روڊن جي تعمير شامل آهي ۽ باقي رقم انهن رٿائن متعلق ٻين ڪمن ڪارن تي خرچ ڪئي ويندي _ گڏجاڻي ۾ آر سي سي ڪنسلٽنٽ جي هيڊ جناب شفيع محمد لاکو ٻڌايو ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن آمريڪا، فرانس ۽ ٻين ملڪن ۾ موهن جي دڙِي مان دريافت ڪيل پاڻي جي نيڪال جهڙو نظام جوڙيل آهي هن چيو ته ان نظام جو سڄو ڍانچو هڪ خاص قسم جي سِرَ _(برڪس ) سان وڌو وڃي ٿو جيڪا صدين تائين نٿي ڳري ۽ نٿي ڊهي _ هن چيو ته قاسم آباد ۾ ان نظام جي متعارف ڪرائڻ کانپوءِ پاڻي جي نيڪال وارو مسئلو هميشه هميشه لاءِ حل ٿيندو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button