گھوٽڪي

ناليواري ليکڪ شبير قمبراڻي کي گم ٿئي سال گذري ويو، ڪنهن سار نه لڌي

رپورٽ علي عمران
Shabeer Qambrani گهوٽڪي : تفصيل موجب؛ شبير قمبراڻي پنهنجي ڊرائيور سان گڏ اسلام آباد کان گهر اوٻاوڙو واپس اچي رهيو هو ته ملتان پهچڻ کانپوءِ گهر وارن سان رابطو ڪٽجي ويو، شبير قمبراڻي هڪ ناليوارو ليکڪ آهي، هن ٻه ڪتابون ،پيغام خوشحالي ۽ ممڪن جي نالي سان لکيون آهي، شبير قمبراڻي مختلف اخبارن جو ڪالم نگار ۽ صحافي پڻ رهيو آهي، سماج سڌارڪ شبير قمبراڻي انساني حقن واري تنظيم ايشين هيومن رائٽس ڊيولپمنٽ جو صدر پڻ آهي، جنهن کي گذريل سال رمضان جي مهيني ۾ ملتان کان اغوا، گم ڪيو ويو هو جنهن جو اڄ تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، شبير سان گڏ ڊرائيور حاڪم سمون به سندس لاپته بڻيل آهي، شبير۽حاڪم جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس حد بندي تقرار سبب مدد ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار ناهي، شبير ۽ حاڪم جا وارث جڏهن پنجاب پوليس کان مدد وٺڻ لاءَ ملتان ويا هئا ته سندس جواب اهو مليو ته شبير جو تعلق سنڌ سان آهي ۽ ڪيس به سنڌ ۾ ئي داخل ٿيڻ کپي، جڏهن سنڌ جي شهر اوٻاوڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل لاءِ وارثن قدم کنيو ته سندس ساڳيو ئي جواب مليو ته شبير ۽ حاڪم پنجاب مان اغوا ٿيا آهن ۽ پنجاب جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو وڃي، ائين ئي پوليس جي روايتي سستي جي سبب شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون کي هڪ سال گذرڻ وارو آهي، ۽ هن ناليواري ليکڪ ۽ سندس ڊرائيور جي ڪنهن سار ناهي لڌي، جڏهن ته علائقي جي چونڊيل نمائندن به وارثن کي ڪنهن قسم جي تسلي ڏيڻ جيتري زهمت ناهي ڪئي، شبيرقمبراڻي جا چار ننڊڙا ٻارڙاپنهنجي بابا جي اچڻ جي آس ۾ آهن، ۽ شبير جي والدحاجي شهنواز روئي روئي اکين جو نور وڃائي ويٺو آهي، امڙ کي سندس بيهوشي جا دورا پون ٿا ۽ وڏي ڀاءُ خان محمد پنهنجي ڀاءُ کي ڳولڻ لاء چيف جسٽس کان اپيل ڪئي آهي ته سندس پاڻ مرادو نوٽس ورتو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button