گھوٽڪي
-
آبپاشي کاتي پاران انڪروچمنٽ خلاف آپريشن، مسڪينن جا گھر پٽ، بااثر محفوظ
ميرپورماٿيلو شھر ۾ آبپاشي کاتي پاران انڪروچمنٽ خلاف آپريشن بااثرن جا گھر ڇڏي مسڪينن جا گھر ڊاٺا ويا
وڌيڪ پڙھو -
پي ٽي آءِ قيادت ۽ مهر ڀائرن ۾ سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق
تحريڪ انصاف ۽ مهر ڀائرن سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
جسٽس (ر) امير مسلم هاني ڊرينيج اسڪيمن جي ڪارڪردگي جاچڻ ميرپور ماٿيلو پهتو
واٽر ڪميشن سنڌ جو چيئرمين جسٽس (ر) امير مسلم هاني ڊرينيج اسڪيمن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاء گذريل ڏينھن ميرپور ماٿيلو پهتو
وڌيڪ پڙھو -
ميرپورماٿيلو: پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 6 هندو نوجوان گرفتار
ميرپورماٿيلو شهر ۾ جووا جي ٽڪري تي پوليس جو ڇاپو، 6 هندو نوجوان گرفتار، روڪ رقم ۽ تاس جا پتا هٿ، 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل، ضمانت تي آزاد، ان سلسلي ۾ ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي پوليس گذريل رات شهر جي چاندني چوڪ سامهون هڪ ماڙي تي قائم جووا جي ٽڪري تي ڇاپو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
ڏھرڪي ۾ گھر گھر ووٽ جي اھميت جي آگاھي ڏني پئي وڃي، الک ويلفيئر ايسوسيشن اڳواڻ
الک ويلفيئر ايسوسيشن ضلع گهوٽڪي جي اڳواڻن شبيرگبول ۽ عامررسول ڏهرڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سٽيزنس وائيس فار فري اينڊ پيس فل اليڪشن پروجيڪٽ تحت اسان جي ٽيمن ضلع گهوٽڪي جي 39 پولنگ اسٽيشن جي 5 هزار خاندانن جي ويهه هزار کان مٿي ماڻهن کي گهر گهر وڃي ووٽ جي اهميت ۽ ووٽ ڏيڻ بابت آگاهي ڏني آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڀرچونڊي جي پيرن جي جسقم ڪارڪنن مٿان فائرنگ، ٻه ڪارڪن زخمي
جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪالھ سڄي سنڌ جيان ڏهرڪي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي جنهن سبب ڏهرڪي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته دوڪان بند ڪرائڻ تان جسقم جي ڪارڪنن ۽ ڀرچونڊي شريف جي پيرن ۾ منهن ماري پڻ ٿي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشن
سنڌ نيشنل فيڊريشن سکر ريجن پاران ڏهرڪي ۾ پورهتين جي بنيادي حقن لاءِ سنڌ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلع گهوٽڪي جي مختلف شهرن جي سوين پورهتين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن راڻا محمود علي خان،عبدالفتاح ملڪ،تشڪيل احمد صديقي،دين محمد لکڻ،راحب سومرو،شهزادو پنهيار،امام بخش سومرو ۽ ٻين چيو ته ضلع گهوٽڪي سميت سموري سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي
پي ايس 7 ڏهرڪي، ميرپورماٿيلوتڪ تي بيٺل آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم جي باقائده شروعات ڪندي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ڏهرڪي جي سماجي تنظيم لاٽ هيومن ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي آفيس ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پي ايس 7 جي آزاد ميدوار صحافي رميش ڪمار چيو ته ڏهرڪي ۽ ميرپورماٿيلو تڪ جي عوام کان چونڊيل نمائيندن ڪوڙن لالچن ۽ ڏٽن عيوض ووٽ وٺي هنن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو
وڌيڪ پڙھو -
صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم جو پي ايس 7 تي فارم منظور
ڏهرڪي جي نوجوان صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس ست تي فارم ڀرائي ڇڏيو جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ رٽرننگ آفيسر اوٻاوڙو سندس نامزدگي فارم منظور ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اقليتي برادري جو اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن جي ميدان ۾
ضلع گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏهرڪي جي نوجوان صحافي،سماجي اڳواڻ،انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ اقليتي برادري جي اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو