اليڪشن 2013ڌھرڪي

ڏھرڪي ۾ گھر گھر ووٽ جي اھميت جي آگاھي ڏني پئي وڃي، الک ويلفيئر ايسوسيشن اڳواڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڏهرڪي

شبيرگبول ۽ عامررسول
شبيرگبول ۽ عامررسول
الک ويلفيئر ايسوسيشن ضلع گهوٽڪي جي اڳواڻن شبيرگبول ۽ عامررسول ڏهرڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سٽيزنس وائيس فار فري اينڊ پيس فل اليڪشن پروجيڪٽ تحت اسان جي ٽيمن ضلع گهوٽڪي جي 39 پولنگ اسٽيشن جي 5 هزار خاندانن جي ويهه هزار کان مٿي ماڻهن کي گهر گهر وڃي ووٽ جي اهميت ۽ ووٽ ڏيڻ بابت آگاهي ڏني آهي ان کانسواءِ 12500 بروشر،5 هزار پوسٽر،اڍائي هزار اسٽيڪر ٻيو گهڻو ڪجهه مواد ڇپائي عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون هن چيو ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اين اي 200 گهوٽڪي ۽ پي ايس 7 ڏهرڪي-ميرپورماٿيلو تڪ جي اميدوارن کي پنهنجو چونڊ منشور ٻڌائڻ ۽ڪاميابي کانپوءِ انهي تي عمل ڪرائڻ لاءِ “ڪينڊيڊيٽ فورم” جي عنوان هيٺ سيمينار پڻ ڪوٺائي چڪا آهيون هن چيو ته اسان هتان جي پڙهيل لکيل 50 کان مٿي نوجوان کي تربيت پڻ ڏني آهي جيڪي عوام کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهي عام ماڻهن کي ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه اسان ڪارنر ميٽنگ ڪرائي عوام کي پرامن طريقي سان چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آگاهه ڪيو آهي ۽ مقامي ۽ اعلي آفيسرن جن ۾ ايس ايس پي،نادرا،اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سميت مختلف آفيسرن کي کي 148 ليٽر لکيا آهن آخر ۾ هن چيو ته اسان جو هي پروجيڪيٽ اڃا وڌيڪ عرصو هلندو ۽ اسان هن تحت پنهنجو مشن جاري رکندي عوام کي آگاهي ڏيڻ وارو سلسلو جاري رکنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button