ميرپورماٿيلو

جسٽس (ر) امير مسلم هاني ڊرينيج اسڪيمن جي ڪارڪردگي جاچڻ ميرپور ماٿيلو پهتو

ان اسڪيم جو ٺيڪو سندس ئي برادري جي ماڻهو عالم پتافي نالي ٺيڪيدار کي ڏنو ويو.جنهن ان اسڪيم کي اٺ سال گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ڪيو اڃا تائين ڪم رولڙي جو شڪار آهي.

نصراللہ گڏاڻي، ميرپور ماٿيلو

واٽر ڪميشن سنڌ جو چيئرمين جسٽس (ر) امير مسلم هاني ڊرينيج اسڪيمن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاء گذريل ڏينھن ميرپور ماٿيلو پهتو مييرپور ماٿيلو پهچڻ تي پبلڪ هيلٿ پاران قومي شاهراه لڳ 38 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان هلندڙ ڊرينيج اسڪيم جو دورو ڪرايو ۽ هن کي ٻڌايو ويو ته اسڪيم مڪمل ٿيڻ واري آهي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪم شروع ڪري ڏيندي ان موقعي تي موجود شهرين چيئرمين واٽر ڪميشن اڳيان شڪايت ڪندي کيس ٻڌايو ته اڳوڻي ايم پي اي مرحوم سردار احمد علي پتافي اٺ سال اڳ اها اسڪيم منظور ڪرائي جنهن جو ڪاٿو 38 ڪروڙ روپيا لڳايو ويو هو. ان اسڪيم جو ٺيڪو سندس ئي برادري جي ماڻهو عالم پتافي نالي ٺيڪيدار کي ڏنو ويو.جنهن ان اسڪيم کي اٺ سال گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ڪيو اڃا تائين ڪم رولڙي جو شڪار آهي. ان تي چيئرمين واٽر ڪميشن پاران پبلڪ هيلٿ کاتي گهوٽڪي جي انجنيئر عبدالرئوف ڪولاچي کان پڇاڻو ڪيو جنهن ٻڌايو ته اسڪيم 75 سيڪڙو مڪمل ٿي سگهي آهي جنهن تي چيئرمين واٽر ڪميشن سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته انهي خراب ڪارڪردگي سبب مان اوهان کي ضلعي گهوٽڪي مان بدلي ڪرايو هو اوهان کي ٻيهر ڪنهن مقرر ڪرايو آهي. ان بابت واٽر ڪميشن جي چيئرمين پاران سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ سيد جمال مصطفي کان پڻ پڇاڻو ڪيو جيڪو ان سوال بابت جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. ان موقعي شهرين پاران شهر جي پاڙن غريب آباد ڪوثر ڪالوني، سومرا ڪالوني ۽ رينجرز ڪالوني ۾ گندي پاڻي بيهڻ سبب پاڻي جا تلاء ٿي وڃڻ جون شڪايتون ڪيون جنهن تي واٽرڪميشن سربراه پاران ڊي سي گهوٽڪي سليم الله اوڍو کي حڪم ڏنو ته معاملي جي انڪوائري ڪئي وڃي ته ميونسپل ڪاميٽي يا پبلڪ هيلٿ کاتي مان ڪنهن جي ڪوتاهي سبب شهر ۾ گندي پاڻي جا تلاء بڻيل آهن ان ۾ جنهن به آفيسر جي ڪوتاهي هجي سي ايم او هجي يا ڪو ٻيو ڪامورو ان بابت کيس رپورٽ موڪلي وڃي. جروار سان لاڳاپيل واٽر سپلاء اسڪيم جي ناڪاره ٿيڻ بابت پڻ واٽر ڪميشن سربراه اڳيان شڪايت ڪئي وئي جنهن بابت پڇا ڪرڻ تي کيس انجنيئر پبلڪ هيلٿ کيس ٻڌايو ته ان اسڪيم بابت انڪوائري ڪرائي وئي آهي اسڪيم هلندڙ آهي جنهن بعد واٽر ڪميشن سربراه ساڳيو پڇاڻو ڊي سي گهوٽڪي کان ڪيو جنهن کيس چيو ته واٽر سپلاء اسڪيم جي غير فعال هجڻ بابت هن وٽ ڪافي شڪايتون پهتيون آهن جنهن تي چيئرمين واٽر ڪميشن پاران ڊي سي گهوٽڪي کي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي لنڊ گروپ اڳواڻ ڊسٽرڪٽ ڪونسل گهوٽڪي جي ميمبر سردار خان ڪورائي پاران شڪايت ڪئي وئي ته آبپاشي کاتي جي مسو مائينر جي ٻنهي ڪپرن تي آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان قبضا ڪرايا ويا آهن جنهن سبب مسو مائينر بند ٿي چڪي آهي اسان جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن جنهن تي واٽر ڪميشن سربراه پاران ايريگيشن کاتي جي ڊائريڪٽر ياسين قريشي کان پڇاڻو ڪيو جنهن چيو ته انهن قبضا ڪندڙ ماڻهن کي قبضا ختم ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي پهرين جنوري 2019 تائين مهلت ڏني وئي آهي ان بعد قبضا ختم ڪرائڻ لاء آپريشن شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيئرمين واٽر ڪميشن چيو ته هو پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي کان بلڪل به مطمئن ناهي، رڳو هر ڀيري ورڪ ان پراگريس جو چئي وقت ٽاري ويندا آهن. هن چيو ته جن به شهرين کي ڪابه شڪايت آهي ته اهي مئجسٽريٽ وٽ لکت ۾ شڪايت ڪن سڀني شهرين جون شڪايتون هو پاڻ وٽ گهرائيندو ۽ انهن تي ڪاروائي ٿيندي هن چيو ته هن 29 ڊسمبر تي سمورن ٺيڪيدارن کي پاڻ وٽ گهرايو آهي هر ٺيڪيدار جي ڪم بابت هو انهن کان پاڻ پڇاڻو ڪندو جڏهن ته سنڌ جي سمورن صنعتي ادارن کي حڪم ڏنو آهي ته اهي 28 ڊسمبر 2018 تائين زهريلي پاڻي لاء فلٽر پلانٽ لڳرائين ته جيئن سنڌ ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب غير آباد ٿيندڙ زمينون وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن. جڏهن ته چيئرمين واٽر ڪميشن جي اچڻ جو ٻڌي ميونسپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو شهر جي گهٽين جي هنگامي بنيادن تي صفائي سٿرائي ڪرائي وئي شهر جي گهٽين جو ڀاڳ کلي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button