ميرپورماٿيلو

آبپاشي کاتي پاران انڪروچمنٽ خلاف آپريشن، مسڪينن جا گھر پٽ، بااثر محفوظ

ميرپورماٿيلو شھر ۾ آبپاشي کاتي پاران انڪروچمنٽ خلاف آپريشن بااثرن جا گھر ڇڏي مسڪينن جا گھر ڊاٺا ويا

نصرالله گڏاڻي، ميرپورماٿيلو
Operation by Agriculture departmentميرپورماٿيلو شھر ۾ آبپاشي کاتي پاران انڪروچمنٽ خلاف آپريشن بااثرن جا گھر ڇڏي مسڪينن جا گھر ڊاٺا ويا ڪيترائي خاندان بي گھر گھرن ۾ ماتم شھر ۾ طوف ۽ مايوسي ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن آبپاشي کاتي پاران ميرپورماٿيلو شھر ۾ انڪروچمنٽ خلاف ھيوي مشينن ذريعي آپريشن شروع ڪيو ويو آھي سيڊا ڊائريڪٽر گھوٽڪي غلام ياسين قريشي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورماٿيلو رضوان نظير جي سربراھي ۾ شھر جي پراڻي مسو واھ تي شروع ڪيل آپريشن ۾ آبپاشي ۽ روينيو عملي اينٽي انڪروچمنٽ پوليس ۽ ضلعي جي پوليس وڏي انگ ۾ حصو ورتو بااثرن توڙي سياسي شخصيات جي گھرن دڪانن ۽ ڪمرشل عمارتن کي ڇڏي ٻن ھيوي ايڪسيويٽر مشينن ذريعي صرف غريبن ۽ مسڪينن جا گھر ۽ دڪان ڊاٺا ويا جڏھن تھ بااثرن جي عمارتن کي آپريشن کان آجو قرار ڏيئي بي پھنچ مسڪينن جا درجنين گھر ڊاھي ڪيترن خاندانن کي بي گھر ڪيو ويو جنھن سبب متاثر ماڻھن جي گھرن ۾ ماتم ھو ۽ ڪيترائي خاندان بي گھر ٿي کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن جڏھن تھ غريب ماڻھن خلاف شروع ڪيل آپريشن سبب سموري شھر ۾ خوف ۽ مايوسي وارو ماحول ڇانيل ھو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button