خانپورمھر

پي ٽي آءِ قيادت ۽ مهر ڀائرن ۾ سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ

خانپورمھر:  تحريڪ انصاف ۽ مهر ڀائرن سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو  آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽  پي ٽي آءِ  اڳواڻ تاربنگلي کان خانڳڙھ گوھر پيلس پهتا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي پي ٽي آءِ  اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته  سنڌ ۾  تبديلي اڻٽر آھي وڌيڪ فيصلو قيادت ڪندي. ھن چيو ته  جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي استعيفيٰ  ڏيڻ گھرجي. حليم عادل شيخ چيو ته اڃا هاڻي ته پارٽي شروع ٿي آهي، اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿي.هن چيو ته سردار علي گوھر خان مھر سان وزير اعظم عمران خان جي فون تي ڳالھ ٻولھه ٿي آھي صدر عارف علوي جلد خانڳڙھ ايندو جنهن بعد وزيراعظم پڻ خانڳڙھ ايندو. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ ان هائوس تبديلي لاءِ  رابطا مھم جاري آھي،  ڪجھ به ناممڪن ناھي.ھوڏانھن جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي علي گوھر خان مھر چيو ته سنڌ قدرتي نعمتن سان مالا مال آھي پر افسوس جو سنڌ جي ماڻھن جو وارو ناھي آيو سنڌ ۾  بنيادي سھوليتن جي کوٽ آھي،  روڊ رستا تباھ آهن اسپتالن ۾  غريب مريضن جو علاج نه پيو ٿي سنڌ ۾ تبديلي اچڻ گھرجي. علي گوهر مهر چيو ته سنڌ جي عوام کي پنھنجا حق ملڻ گھرجن ان لاءِ  دوستن سان رابطا جاري آھن جلد صدر ۽  وزيراعظم خانڳڙھ ايندا،  سنڌ جو عوام وزير اعظم عمران خان ۾  اميد رکي ٿو.  علي گوھر خان مھر چيو ته  جي ڊي اي آءِ پي ٽي آءِ جي قيادت سنڌ جي عوام جي بھتري لاءِ بھتر فيصلو ڪندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button