دادو

لعل شھباز قلندر جي سست ڪم جو صدر صاحب نوٽيس وٺي ڇڏيو

Sehwanسيوھڻ : اوقاف کاتي واري صوبائي وزير رفيق ٻانڀڻ چيو آھي تھ حضرت لعل شھباز قلندر رح جي درگاھھ جي ڪم ۾ سست رفتاري جو صدر آصف علي زرداري سخت نوٽيس ورتو آھي ۽ تعميراتي ڪم ۾ ٿيل بدعنواني ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪارروئي ڪئي ويندي. درگاھ جو تعميراتي ڪم ھڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويندو. ھن اھڙو اظھار خميس ڏينھن عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر رح جي 759 ھين عرس مبارڪ جو افتتاح ڪندي ڪيو. صوبائي وزير ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ دعا پڻ گھري. ھن چيو تھ حڪومت مفاھمتي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي ۽ انھي پاليسي جا مثبت نتيجا نڪري رھيا آھن. ھن چيو تھ حضرت قلندر لعل شھباز ۽ ٻين صوفي بزرگن امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي ۽ اسان انھي پيغام تي عمل ڪري رھيا آھيون. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ درگاھھ جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون تھ جيئن زائرين کي وڌ ۾ وڌ سھوليتون فراھم ڪري سگھجن. ھن چيو تھ تعميراتي ڪم ۾ ٿيل خردبرد ڪرڻ وارن کان حساب ورتو ويندو ۽ سندن خلاف قدم کڻنداسين. ھن چيو تھ درگاھ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال سبب پھرين ٺيڪيدار جو ٺيڪو رد ڪيو ويو ۽ کانئس حساب پڻ ورتو پيو وڃي. ھن چيو تھ موجودھ نئين ٺيڪيدار کي ھدايت ڪئي وئي آھي تھ ھڪ سال جي اندر ڪم مڪمل ڪيو وڃي جڏھن تھ ڪم جي معيار تي ڪا بھ سوديبازي نھ ڪئي ويندي. ھن چيو تھ عرس جي موقعي تي زائرين جو تمام گھڻو تعداد ھجڻ جي ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا پر بھتر انتظام جي ذريعي سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. ھن چيو تھ درگاھ جو تعميراتي ڪم ھڪ سال جي اندر مڪمل ڪيو ويندو. ھڪ سوال تي ھن چيو تھ گورنر مصروفيتن جي ڪري عرس جي افتتاح لاءِ نھ اچي سگھيو آھي جنھن جي ڪري ھن کي افتتاح ڪرڻو پيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button