سيوھڻ

  • جون- 2013 -
    17 جون

    قلندر شهباز جي ميلي دوران سخت گرمي سبب گھربل ضرورتن جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي ، ساجد جمال ابڙو

    حضرت سخي لال شھباز قلندر جو ساليانو761ھون ٽه روزه عرس مبارڪ تاريخ 28، 29 ۽ 30 جون 2013 تي سيوھڻ شريف ۾ وڏي شايان شان طريقي سان ملھائڻ جي انتظامن بابت چيرمين شھباز ميلا ڪميٽي/ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ساجد جمال ابڙو جي صدارت ھيٺ اڄ سندس آفيس ۾ خصوصي اجلاس منعقد ٿيو

    وڌيڪ پڙھو
  • اپریل- 2013 -
    17 اپریل

    ڊويزنل ڪمشنرپاران لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه جي ڪم سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

    ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ حضرت لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه سميت سيوهڻ شهر جي مختلف ترقياتي منصوبن ۾ سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل
    اليڪشن 2013
    POLL

    سيوهڻ: PS-73 تي اليڪشن جون سرگرميون جاري

    سيوهڻ شريف ضلعي ڄامشورو جي تڪ تي اليڪشن جون سرگرميون جاري آهن جنهن ۾ ڪالهه اتحادي گروپ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مسلم ليگ (ف) جو چاڪر خان شاهاڻي، ايس يو پي جو روشن ٻروڙو مسلم ليگ (ن) جي اميدوار رئيس حبيب الله رند جي حق ۾ سيٽ ائڊجسمينٽ ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2012 -
    10 جولائی

    حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جو تقريبون جاري سگهڙ ڪانفرنس جاري

    حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي پهرين ڏينهن جو تقريبون ٿي گذريون جنهن ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران سگهڙ ڪانفرنس جو احتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيترائي سگهڙ اچي پهنجي فن جو مظاهرو ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 جولائی

    سيوهڻ: درگاهه لعل شهباز قلندرجو 760 هو عرس شروع

    حضرت لعل شهباز قلندر 760 هون عرس جو تقريبون شروع وقتي گورنر نثار احمد کهڙو افتتاح ڪيو. 3 ڏينهن عرس جون تقريبون جاري رهنديون جنهن ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران مهله ، سُگهڙ ڪانفرنس، ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ جو محفلون منقعد ڪيون ويون

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2012 -
    10 جون

    مسجد جي تعمير مان پراڻي دور جا پٿر نڪرڻ لڳا

    سيوهڻ شريف ۾ جي مسجد جي تعمير شروع ڀتين مان پراڻي دور جا پٿر نڪرڻ لڳا، ڪنهن به تحرڪ نه ورتو. سيوهڻ شريف ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن جي مدت کانپوءِ قديم جامع مسجد جو ڪم شروع ٿي ويو ڀتين جي کوٽائي مان پراڻي دور جا قرآني آيتن سان چٽيل پٿر نڪرڻ لڳا

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    24 جولائی

    جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن پاران قلندر جي ميلي تي ڪئمپ لڳائي وئي

    جماعت اسلامي ضلع ڄامشورو ۽ الخدمت فائونڊيشن طرفان قلندر لعل شهبار رح جي 759 هين عرس جي موقعي تي زائرين جي طبي امداد ۽ پاڻي جي ٿڌي سبيل لاءِ ٽي ڏينهن ڪئمپ لڳائي وئي . الخدمت جي فائونڊيشن جي پڌرائي موجب قلندر شهباز رح جي ميلي جي موقعي تي الخدمت فائونڊيشن طرفان جماعت اسلامي جي سهڪار سان لڳايل ڪئمپ ۾ موجود هڪ ڊاڪٽر2ايمبولينسز۽ 25 رضاڪارن ٽيئي ڏينهن 24 ڪلاڪ سروس جاري رکي .هزارين زائرين جي مفت طبي امداد،دوائون فراهم ڪيون .جڏهن ته ٿڌي پاڻي جي سبيل به جاري رکي .ڪيترن ئي سياسي ،سماجي اڳواڻن ۽ زائرين جماعت اسلامي ۽ الخدمت جي ان انسان دوست قدم کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    لال شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال قومي سطح تي زرعي صنعتي نمائش منعقد ڪرڻ جي ھدايت

    ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ناصر عباس سومري حضرت لال شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال قومي سطح تي زرعي صنعتي نمائش منعقد ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي ته جيئن تجربي، مھارت ۽ لاڳاپيل شعبي جي ڄاڻ جو تبادلو ٿئي جنھن سان آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو پھچائي سگھجي. ھن اھڙو اظھار اڄ سيوھڻ ۾ حضرت لال شھباز قلندر رح جي 759 ھين عرس جي موقعي تي زرعي صنعتي نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ نمائش جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالھائيندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته زراعت ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ اھو شعبو ملڪ جي ٻھراڙين ۾ رھندڙ 80 سيڪڙو افرادي قوت کي روزگار فراھم ڪري ٿو

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 جولائی

    لعل شھباز قلندر جي سست ڪم جو صدر صاحب نوٽيس وٺي ڇڏيو

    اوقاف کاتي واري صوبائي وزير رفيق ٻانڀڻ چيو آھي تھ حضرت لعل شھباز قلندر رح جي درگاھھ جي ڪم ۾ سست رفتاري جو صدر آصف علي زرداري سخت نوٽيس ورتو آھي ۽ تعميراتي ڪم ۾ ٿيل بدعنواني ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪارروئي ڪئي ويندي. درگاھ جو تعميراتي ڪم ھڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويندو. ھن اھڙو اظھار خميس ڏينھن عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر رح جي 759 ھين عرس مبارڪ جو افتتاح ڪندي ڪيو. صوبائي وزير ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ دعا پڻ گھري. ھن چيو تھ حڪومت مفاھمتي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي ۽ انھي پاليسي جا مثبت نتيجا نڪري رھيا آھن. ھن چيو تھ حضرت قلندر لعل شھباز ۽ ٻين صوفي بزرگن امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي ۽ اسان انھي پيغام تي عمل ڪري رھيا آھيون. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ درگاھھ جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون تھ جيئن زائرين کي وڌ ۾ وڌ سھوليتون فراھم ڪري سگھجن.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button