حيدر آباد

لال شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال قومي سطح تي زرعي صنعتي نمائش منعقد ڪرڻ جي ھدايت

Visiting Stalls Urs Qalandarحيدرآباد : ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ناصر عباس سومري حضرت لال شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال قومي سطح تي زرعي صنعتي نمائش منعقد ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي ته جيئن تجربي، مھارت ۽ لاڳاپيل شعبي جي ڄاڻ جو تبادلو ٿئي جنھن سان آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو پھچائي سگھجي. ھن اھڙو اظھار اڄ سيوھڻ ۾ حضرت لال شھباز قلندر رح جي 759 ھين عرس جي موقعي تي زرعي صنعتي نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ نمائش جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالھائيندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته زراعت ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ اھو شعبو ملڪ جي ٻھراڙين ۾ رھندڙ 80 سيڪڙو افرادي قوت کي روزگار فراھم ڪري ٿو. ھن چيو ته زراعت کي ھٿي وٺرائڻ ملڪي معيشت کي ھٿي وٺرائڻ جي برابر آھي. ڊپٽي ڪمشنر عملدارن کي ھدايت ڪئي ته عرس جھڙن وڏن پروگرامن ۾ نمائش منعقد ڪرڻ سان گڏ آبادگارن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ عملي ڪم ڪيو وڃي. زرعي ۽ صنعتي شعبن جا بھترين اسٽال وقت جي اھم ضرورت آھن جنھن سان نه رڳو ماڻھن جي معيشت پر قومي معيشت کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي. لوڪ ۽ ھنري سکيا جي ورڪرن سان ڳالھائيندي ھن ھدايت ڪئي ته بھترين ھنرمندن ۽ آرٽسٽن سان رابطو قائم ڪيو وڃي ته جيئن کين قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرائي سگھجي. ھن چيو ته ان سان بيروزگار جي شرح ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. ھن کين بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروجيڪٽ سان ڪم ڪندڙ تنظيمن سان رابطي ۾ رھڻ جي پڻ ھدايت ڪئي ته جيئن سندن ڪم کي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي سگھجي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سان ڊسٽرڪٽ آفيسر فنانس زاھد کيمٽيو، ڊي او روينيو آغا سھيل پٺاڻ، ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر ايوب جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ ھدايت اللھ ميمڻ ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ ھئا. ھن بعد ۾ نمائش جي مختلف شعبن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ نمائش منعقد ڪندڙن جي واکاڻ ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button