گھوٽڪي

قادرپور لوپ بند، رونتي بند، گميڙو بند ۽ ايل ايم بندن کي حساس قرار ڏنو ويو

DCO GHOTKI copyگهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ منقعد ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڊا اجلاس دوران ضلعي گهوٽڪي جي بندن جي مرمتي ڪم ۽ امڪاني ٻوڏ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ بندن جي ڊيگهه 86 ڪلومٽر آهي جنهن ۾ گهوٽڪي فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال ڊفينس لائين آهي جنهن ۾ چئن هنڌن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ قادرپور لوپ بند، رونتي بند، گميڙو بند ۽ ايل ايم بند شامل آهن جڏهن ته انهن بندن تي تيزي سان مرمتي ڪم جاري آهي جنهن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي باقي ڪم 15 جولاءِ کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو ۽ بندن کي 6 فوٽ مٿي بڻايو ويو آهي ان سان گڏوگڏ اسٽون پچنگ جو ڪم به جاري آهي. ان کان علاوه 8 ميل ڊگهي زمينداري بند کي 22 هنڌن تان ڪٽ ڪري ختم ڪيو ويو آهي جڏهن ته مزاري بند جيڪو ضلعي رحيميار خان جي حد ۾ آهي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ اعلى اختيارين کي لکيو ويو آهي. امڪاني ٻوڏ دوران تمام عملي جون ڊيوٽيون لڳايون ويون هن وڌيڪ ٻڌايو ته بندن تي مرمتي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن جا بل ايتري تائين پاس نه ڪيا ويندا جيستائين ٿرڊ پارٽي جا ماهر مرمتي ڪم سان متفق نه ٿيندا.
اجلاس ۾ پي ڊي ريڻي ڪئنال، ريڻي ڪئنال متعلق تفصيل بڌائيندي چيو ته ريڻي ڪئنال تي 30 ڪوميٽر روڊ تعمير ڪيو ويو آهي پهرين مرحلي ۾ 13 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 98 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته ريڻي ڪئنال جو ڪم 91 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته گذريل ٻوڏ دوران ريڻي ڪئنال ۾ آر – ڊي 35 جي ساڄي پاسي ڏانهن 4 هنڌن تان گهارا لڳا جنهن جو سبب 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي جاءِ تي 5 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي اچي ويو جنهن سبب نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. هن وقت تائين سمورن گهارن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.
ان موقعي تي ڊي پي او گهوٽڪي سيد پير محمد شاهه امڪاني ٻوڏ دوران سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته امڪاني ٻوڏ دوران بندن تي 35 پوليس پڪٽس قائم ڪيون وينديون ۽ اعلى اختيارين کان 200 پوليس اهلڪارن جي گهر ڪئي وئي آهي ته جيئن بندن تي بهتر نموني سان پئٽرولنگ ڪري سگهجي ۽ ڏوهارين جي چرپر تي ڪڙي نظر رکي سگهجي. هن ضلعي حڪومت کي تجويز ڏيندي چيو ته لائيف جيڪيٽس ۽ موٽر واريون ٻيرڙيون ورتيون وڃن ان کان علاوه نجي ٻيرڙين کي به سرگرم ڪيو وڃي ته جيئن موقعي وقت ڪم اچي سگهن.
اجلاس دوران ڊي ڊي روينيو طاهر وٽو روينيو کاتي پاران تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته ٻيڙين کي سرگرم ڪيو پيو وڃي رليف ڪيمپن ۽ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ماڻهن کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ راشن ۽ پلاسٽڪ بيگ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ٻڌايو ته ضلعي ۾ 14 لک 12 هزار اٽي جا ٿيلها موجود آهن جيڪي ضروت پوڻ تي ضلعي حڪومت جي حوالي ڪيا ويندا.
اي ڊي او هليٿ ٻڌايو ته امڪاني ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ تعلقن اوٻاوڙو ۾ 4 ميڊيڪل ڪيمپون جوڙيون وينديون ۽ گهوٽڪي ۾ 5 ميڊيڪل ڪيمپون جوڙيون وينديون جڏهن ته موبائل ٽيمون موجود هونديون جيڪي هنگامي صورت ۾ ضرورت واري هنڌ موڪليون وينديون.
ڊي او فاريسٽ ٻڌايو ته گهوٽڪي تعلقي ۾ چوپائي مال جي ٽريٽمينٽ لاءِ 5 ڪيمپون قائم ڪيون وينديون جڏهن ته 100 بيلدار آبپاشي کاتي جي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن بندن جي نگراني ڪري سگهجي. ان کان علاوه اي ڊي او سي ڊي ڊي ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ 265 اين جي اوز رجسٽر آهن جنهن مان 29 سرگرم آهن جيڪي امڪاني ٻوڏ دوران متاثرن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ موجود هوندا.
بعد ۾ ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڊي ڊي اوز رونيو کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ ٽي ايم اوز سان گڏجاڻي ڪن ته جيئن امڪاني ٻوڏ سان گڏ مون سون ۽ سانوڻي جي برساتن دوران شهرن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ موٽرن کي تيار رکن. هن اي ڊي او ورڪس ۽ سروسز کي هدايت ڏيندي چيو ته بندن تي رليف ڪيمپن ڏانهن ويندڙ روڊن ۽ رستن کي هڪ هفتي ۾ ٺيڪ ڪرايو وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي اندر ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو ته جيئن لاڳاپيل آفيسرن سان رابطو ڪري سگهجي ۽ ٻوڏ متاثرن جي وقتائتي مدد ڪري سگهجي. هن آفيسرن کي چيو ته سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته جيئن امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهجي. هر کاتي جو اهم ڪردار آهي انڪري سڀني کي گهرجي ته گڏجي ڪم ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button