گھوتڪي

  • مارچ- 2013 -
    20 مارچ

    پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي ملھائي وئي

    پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي جي تقريب فنڪشنل مسلم ليگ طرفان ڏهرڪي ۾ تعلقي صدر نظيرپنهيار جي رهائشگاهه تي ٿي گذري جنهن ۾ مختلف پارٽين جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    22 جولائی

    موجوده حڪومت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خواب مطابق غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي: ڌاريجو

    ايم پي اي ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ تعلقي گهوٽڪي ۽ خانڳڙهه جي مستحقن ۾ گذارا الائونس جي مد ۾ 66 لک 64 هزار جا چيڪ 2 هزار 40 ماڻهن ۾ تقسيم ڪيا. جنهن ۾ تعلقي گهوٽڪي جا 1485 مستحق ۽ خانڳڙهه جا 555 شامل آهن. ان موقعي تي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خواب مطابق غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي، هي پهريون ڀيرو آهي جو هزارين ماڻهن کي انهن جي درن تي چيڪ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جمهوري حڪومت 3 سالن دوران سنڌ جي هزارين نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو آهي جڏهن ته گذريل حڪومتن پاران لاٿل ملازمن کي پڻ بحال ڪيو پيو وڃي ڇو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري جي رهنمائي ۾ شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت شفاف طريقي سان بغير ڪنهن سياسي مداخلت ۽ رنگ نسل جي هر مهيني غريب عورتن کي پوسٽ وسيلي گهرن تائين وظيفو پهچايو پيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 جولائی

    ضلعي گهوٽڪي 2 ڀيرا پوليو جا رائونڊ ٿيندا پهرين مرحلي ۾ 18 کان 20 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي

    ضلعي گهوٽڪي ۾ 3 روزه پوليو مهم جو افتتاح ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر صالح ۽ ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر ڌڻي بخش ٿيٻو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ ٻارن کي پوليو جا قطرا پياري ڪيو. ان موقعي تي پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ٻڌايو ته هن ڀيري ضلعي گهوٽڪي 2 ڀيرا پوليو جا رائونڊ ٿيندا پهرين مرحلي ۾ 18 کان 20 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي جڏهن ته هڪ هفتي بعد ٻئين مرحلي ۾ 25 جولاءِ کان 27 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي ڇو ته اسان کي خدشو آهي ته ضلعي ۾ پوليو وائرس موجود آهي ۽ بدلجندڙ موسم سبب اها ڦهلجي سگهي ٿي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر ڌڻي بخش ثيبو پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن ۽ ايريا انچارجن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم دوران سچائي ۽ ايماندريءَ سان ڪم ڪن ڇو ته پوليو اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جولائی

    قادرپور لوپ بند، رونتي بند، گميڙو بند ۽ ايل ايم بندن کي حساس قرار ڏنو ويو

    ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ منقعد ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڊا اجلاس دوران ضلعي گهوٽڪي جي بندن جي مرمتي ڪم ۽ امڪاني ٻوڏ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ بندن جي ڊيگهه 86 ڪلومٽر آهي جنهن ۾ گهوٽڪي فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال ڊفينس لائين آهي جنهن ۾ چئن هنڌن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ قادرپور لوپ بند، رونتي بند، گميڙو بند ۽ ايل ايم بند شامل آهن جڏهن ته انهن بندن تي تيزي سان مرمتي ڪم جاري آهي جنهن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي باقي ڪم 15 جولاءِ کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو ۽ بندن کي 6 فوٽ مٿي بڻايو ويو آهي ان سان گڏوگڏ اسٽون پچنگ جو ڪم به جاري آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جولائی

    گهوٽڪي ۾ 18 جولاءِ تي پوليو مهم شروع ٿي رهي آهي

    ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ پوليو خلاف مهم جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊي سي او کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 18 جولاءِ تي پوليو مهم شروع ٿي رهي آهي جيڪا 20 جولاءِ تائين جاري رهندي. جڏهن ته پوليو مهم جي افتتاحي تقريب 16 جولاءِ تي منقعد ڪئي ويندي ۽ هن ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي جو ٽارگيٽ 98 سيڪڙو رهيو ۽ فنگر مارڪنگ 99 سيڪڙو رهي جڏهن ته ضلعي ۾ 5761 ٻار رهيل هئا جن مان 3212 ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويا ۽ 398 ٻار ضلعي کان ٻاهر ويل هئا جڏهن ته 73 ٻارن جي والدين انڪار ڪيو جيڪي هن وقت به رهيل آهن. ان موقعي تي ڊي سي او متعلقه مختارڪار کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو انڪار ڪندڙ والدين کي هر صورت ۾ قائل ڪن ته هو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارين ڇاڪاڻ ته هي هڪ قومي مسئلو آهي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي . هن يوسي يارو لنڊ ۽ چانڊيا جي انچارجن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو پنهنجي علائقن ۾ فنگر مارڪنگ کي…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button