گھوٽڪي

ضلعي گهوٽڪي 2 ڀيرا پوليو جا رائونڊ ٿيندا پهرين مرحلي ۾ 18 کان 20 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي

Ghotki Polioگهوٽڪي: ضلعي گهوٽڪي ۾ 3 روزه پوليو مهم جو افتتاح ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر صالح ۽ ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر ڌڻي بخش ٿيٻو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ ٻارن کي پوليو جا قطرا پياري ڪيو. ان موقعي تي پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ٻڌايو ته هن ڀيري ضلعي گهوٽڪي 2 ڀيرا پوليو جا رائونڊ ٿيندا پهرين مرحلي ۾ 18 کان 20 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي جڏهن ته هڪ هفتي بعد ٻئين مرحلي ۾ 25 جولاءِ کان 27 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي ڇو ته اسان کي خدشو آهي ته ضلعي ۾ پوليو وائرس موجود آهي ۽ بدلجندڙ موسم سبب اها ڦهلجي سگهي ٿي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر ڌڻي بخش ثيبو پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن ۽ ايريا انچارجن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم دوران سچائي ۽ ايماندريءَ سان ڪم ڪن ڇو ته پوليو اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي انڪري هر هڪ کي گهرجي ته سڀني کي پنهنجو ٻار سمجهي گهر گهر وڃي قومي جذبي سان انهن کي پوليو جا قطرا پيارين ۽ رهجي ويل ٻارن تي خاص توجهه ڏين ته جيئن هي ضلعو پوليو وائرس کان پاڪ ٿي سگهي ان سلسلي ۾ هن ديني عالمن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو عوام ۾ پوليو بابت سجاڳي پيدا ڪن ته جيئن پوليو کي ختم ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button