گھوٽڪي

گهوٽڪي ۾ 18 جولاءِ تي پوليو مهم شروع ٿي رهي آهي

DCO GHOTKI1گهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ پوليو خلاف مهم جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊي سي او کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 18 جولاءِ تي پوليو مهم شروع ٿي رهي آهي جيڪا 20 جولاءِ تائين جاري رهندي. جڏهن ته پوليو مهم جي افتتاحي تقريب 16 جولاءِ تي منقعد ڪئي ويندي ۽ هن ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي جو ٽارگيٽ 98 سيڪڙو رهيو ۽ فنگر مارڪنگ 99 سيڪڙو رهي جڏهن ته ضلعي ۾ 5761 ٻار رهيل هئا جن مان 3212 ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويا ۽ 398 ٻار ضلعي کان ٻاهر ويل هئا جڏهن ته 73 ٻارن جي والدين انڪار ڪيو جيڪي هن وقت به رهيل آهن. ان موقعي تي ڊي سي او متعلقه مختارڪار کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو انڪار ڪندڙ والدين کي هر صورت ۾ قائل ڪن ته هو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارين ڇاڪاڻ ته هي هڪ قومي مسئلو آهي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي . هن يوسي يارو لنڊ ۽ چانڊيا جي انچارجن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو پنهنجي علائقن ۾ فنگر مارڪنگ کي يقيني بڻائين ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن تمام لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون پنهنجون ذميداريون محسوس ڪن ۽ پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن ته جيئن ضلعو پوليو وائرس کان پاڪ ٿي سگهي. ان موقعي تي هن پوليس جي عملدار کي چيو ته هو پوليو ٽرانسسٽ پوائنٽن تي پوليس اهلڪار کي مقرر ڪن ۽ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي کي پڻ يقيني بڻائن ان کان علاوه پوليو مهم دوران پوليس گشت کي وڌائين ته جيئن ڪو اڻوندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button