گھوٽڪي

موجوده حڪومت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خواب مطابق غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي: ڌاريجو

گهوٽڪي: ايم پي اي ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ تعلقي گهوٽڪي ۽ خانڳڙهه جي مستحقن ۾ گذارا الائونس جي مد ۾ 66 لک 64 هزار جا چيڪ 2 هزار 40 ماڻهن ۾ تقسيم ڪيا. جنهن ۾ تعلقي گهوٽڪي جا 1485 مستحق ۽ خانڳڙهه جا 555 شامل آهن. ان موقعي تي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خواب مطابق غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي، هي پهريون ڀيرو آهي جو هزارين ماڻهن کي انهن جي درن تي چيڪ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جمهوري حڪومت 3 سالن دوران سنڌ جي هزارين نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو آهي جڏهن ته گذريل حڪومتن پاران لاٿل ملازمن کي پڻ بحال ڪيو پيو وڃي ڇو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري جي رهنمائي ۾ شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت شفاف طريقي سان بغير ڪنهن سياسي مداخلت ۽ رنگ نسل جي هر مهيني غريب عورتن کي پوسٽ وسيلي گهرن تائين وظيفو پهچايو پيو وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي پير محمد شاهه چيو ته موجوده حڪومت جي منشور مطابق ماڻهن کي امن و امان فراهم ڪيو پيو وڃي، هن ضلعي گهوٽڪي جي عوام کي امن و امان قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پوليس سان تعاون ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ هن امن و امان قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهوٽڪي پوليس جي واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ ذڪوات ڪاميٽي جي چيئرمين سيد اصغر علي شاهه آجياڻي تقرير ڪندي ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي لاءِ عشر و زڪوات جي مد ۾ 2 ڪروڙ 32 لک روپيا فراهم ڪيا ويا آهن جيڪي شفاف طريقي سان غريب مستحقن ۾ وراهيا ويندا ۽ غريب شاگردن ۾ مورا اسڪالرشپ تحت 18 لک 94 هزار وراهيا ويا آهن ان کان علاوه هن مهيني کان ٽيڪنيڪل ڪاليجن جي هر هڪ غريب ۽ مستحق شاگرد کي 12 هزار روپيا ڏنا ويندا. جڏهن ته ضلعي گهوٽڪي جي اسپتالن ۾ غريب مريضن لاءِ 3 لک روپيا رکيا ويا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button