بلوچستان

پهاڙين تي چڙهي ويل بلوچن کي عام معافي ڏيڻ لاءِ تيارآهيون: رحمان ملڪ


ڪوئيٽا(م ڊ) وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ڪوئيٽا شوريٰ جو ڪو وجود ناهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ان حوالي سان ڪا ڄاڻ آهي ته اسان سان ونڊي، اسان پڻ ڪارروائي ڪنداسين، بلوچستان مان رڳو 38 ماڻهو گم ٿيل آهن، ناراض بلوچ ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد کان ڪوئيٽا پهچڻ تي وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير مير ظفر الله زهري به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته صحافي سليم شهزاد جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايتن تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ آڌار ذميوار فردن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پنج پرڏيهين جي مارجڻ واري واقعي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جيڪا ڪميشن جوڙي وئي آهي تنهن جي رپورٽ اچڻ تي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان جو عوام ملڪ سان اهڙي ريت ئي حب رکي ٿو، جيئن پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواه جا ماڻهو حب رکن ٿا. هن چيو ته بلوچستان مان 6 هزار ماڻهن جي گم هجڻ واري ڳالهه ۾ ڪا صداقت ناهي، رڳو 38 ماڻهن جي فهرست آهي ۽ الزام لڳائيندڙ ڪوڙا آهن، ڇو ته اهي ڪوڙ ڳالهائي عوام جي همدردي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ اٽڪل 47 گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو آهي، سمورن ادارن ۾ گڏيل سهڪار جو سلسلو هلندڙ آهي، موجوده حڪومت مفاهمتي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. اسان جبلن تي چڙهي ويل ناراض بلوچن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڇاڪاڻ ته صدر آصف علي زرداري اڳ ئي بلوچستان جي عوام سان ٿيل زيادتين تي معافي گهري چڪو آهي، ساڳي ريت آغاز حقوق بلوچستان جي وڏي حصي تي عمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ئي باقي حصي تي به عمل ٿي ويندو، اسان بلوچستان جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا ڪتب آڻينداسين. هن چيو ته اسان ميڊيا کي به خاطري ڪرايون ٿا ته کين مڪمل نموني تحفظ فراهم ڪيو ويندو، باقي پاڪتان دشمن عنصر ملڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن، اسان عوام سان سهڪار سان انهن کي پاڙان پٽي ڇڏينداسين. هڪ سوال جي موٽ وفاقي وزير رحمان ملڪ چيو ته اسان بلوچستان جي عوام جا تحفظات دور ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته هڪ سازش تحت ڪراچي جون حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، باقي اڳ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ روزانو 30 ڄڻا ماريا ويندا هئا ۽ هاڻ اهو انگ گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي. ڪجهه عنصر حالتون خراب ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪن ٿا. پٺاڻ، بلوچ، سنڌي ۽ پنجابي سڀ ڀائر آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙن جو ڪو دين ايمان ناهي. ڪوئيٽا شوريٰ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثابتيون آهن ته اسان کي فراهم ڪري اسان ڪارروائي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ڪجهه ڀاڙي جا قاتل چنڊ ڊالرن عيوض پنهنجي ئي عوام جو رت وهائي رهيا آهن، اسان عوام جي سهڪار سان انهن جي ارادن کي ڌوڙ ڪري ڇڏينداسين.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close