خيرپور

پوليو مهم ۾ جيڪو به سئو سيڪڙو ڪم مڪمل ڪندو ان کي نقد انعام ڏنو ويندو: محمد عباس بلوچ

DC Monitor Polio Campaignخيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ڪنگري تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ڳوٺ پريل جاگيراڻي ۾ پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ ليڊ هليٿ ورڪرن جي ساراه ڪندي چيو ته پوليو مهم ۾ جيڪو به سئو سيڪڙو ڪم مڪمل ڪندو ان کي نقد انعام ڏنو ويندو. جڏهن ڊي سي رورل هيلٿ سينٽر ڪنگري جي دوري دوران اسپتال ۾ صحت جي جديد اوزارن جي نه هجڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر احسان الله سيال کي آر ايڇ سي ڪنگري ۾ نون ڄاول ٻارن واري وارڊ ۾ صحت جي جديد اوزارن جي فوري فراهمي جو حُڪم جاري ڪيو. جڏهن ته اُتي آغا خان پاران قائم ڪيل ٻارن جي وارڊ ۾ صحت جي سهولتن جي واکاڻ ڪئي. جڏهن ته بعد ۾ ڊي سي خيرپور بي ايڇ يو منگهنواري تي پڻ پوليو مهم جي انتظامن ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو. صحت جي بنيادي مرڪز منگهنواري ۾ غير حاضر رهندڙ صحت عملي جو سختي سان نوٽيس وٺندي پي پي ايڇ آءِ جي ڊي ايس ايم مقصود احمد لنڊ کي غير حاضر رهندڙ صحت جي عملي خلاف سخت قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته بي ايڇ يو منگھنواري تي ڊائريڪٽر هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر حفيظ الحق ميمڻ پڻ ڊي سي خيرپور سان ملاقات ڪري پوليومُهم جي انتظامن جي حوالي سان کيس ڄاڻ ڏني جڏهن ته ڊي سي خيرپور ڊي جي هليٿ سنڌ، ڊي ايڇ او خيرپور کي پوليو مهم ۾ غير حاضر رهندڙ صحت عملي، ايريا سُپروائيزس، تعلقه سُپر وائيزنگ ويڪسينيٽرن (ٽي ايس ويز) خلاف سخت قدم کڻڻ جي گُذارش ڪئي. جڏهن اُتي موجود ٽي ايس وي عبدالغفور سولنگي ڊي سي خيرپور، ڊي جي هليٿ ۽ ڊي ايڇ او خيرپور کي پوليو مهم جي حوالي سان ورتل ڪوششن کان اگاهي ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button