خيرپور

جولاءِ جي 30 کان 31 تاريخ تائين خيرپور ۾ کجي جي ٻن ڏينهن واري عالمي نمائش منعقد ڪرائي ويندي: ڊي سي خيرپور

DC Meeting of Dates Festivalخيرپور: ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ خيرپور ۾ لڳائي ويندڙ کجي جي ساليانه عالمي نمائش ۽ سيمنار جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي ۽ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ لاڳاپيل ضلعي عملدارن کي نمائش جي انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي ٻُڌايو ته هلندڙ مهيني جولاءِ جي 30 کان 31 تاريخ تائين شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ کجي جي ٻن ڏينهن واري عالمي نمائش منعقد ڪرائي ويندي جڏهن ته سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران کجي متعلق سچل آڊيٽوريم ۾ هڪ سيمينار پڻ منعقد ڪرايو ويندو. ڊي سي ٻُڌايو ته کجي جي عالمي نمائش ۽ سيمنيار جي منعقد ڪرائڻ جو مقصد خيرپور اندر کجي جي پيدوار کي هٿي ڏيڻ ۽ خيرپور جي کجي جي حوالي سان سڃاڻپ کي عالمي سطح تي وڌيڪ اُجاگر ڪرڻ آهي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي ٻُڌايو ته گذريل ٻن سالن کان مسلسل کجي جي عالمي نمائش منعقد ڪرائڻ سان کجي جي پيدوار کي عالمي سطح تائين ميڊيا ذريعي وڌيڪ رونمائي ٿي جنهن سان کجي جي زميندار کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهتو. ڊي سي ٻُڌايو ته صوبي اندر ميرپور خاص ۾ انبن ۽ خيرپور ۾ کجي جي اهڙن عالمي نمائشن جي منعقد ڪرڻ سان صوبي توڙي ملڪ کي عالمي سطح تائين پذيرائي ملي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button