خيرپور

خيرپور نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي : محمد عباس بلوچ

DC distributes sports material
ڊپٽي ڪمشنر محمد عباس بلوچ اسپورٽس جو سامان ورھائيندي
خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته ضلعي اندر نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي مختلف اسڪولس ۾ راندين جا مقابلا ڪرائي معاشري کي وڌيڪ صحتمند بڻايو ويندو. ڊي سي خيرپور اهڙو اظهار خميس ڏينهن گورنمينٽ ڪامپريهينسوِ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ضلعي جي مختلف هاءِ اسڪولس کي راندين جي سامان ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيوته استادن کي ٻارن جي نه صرف نصابي پر غير نصابي سرگرمين تي پڻ نظر ثاني ڪري کين راندين ۽ تفريح جو موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ گهرجن DC Speech in Sports Programڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي جي تمام هاءِ توڙي هائير سيڪنڊري اسڪولس کي راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ کين راندين جو سامان ڏنو پيو وڃي ته جيئن راندين جي سامان ڀرپور فائدو وٺندي ضلعي جي مختلف اسڪولس جا ٻار صوبي توڙي ملڪ جي مخلتف راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺي سگهن. ان موقعي تي اڳوڻو اِي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جي مختلف اسڪولس ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين کي وڌايو پيو وڃي جڏهن ته اسڪولس ۾ غير حاضر رهندڙ عملي ۽ استادن خلاف سخت قدم کڻي تعليم معيار ۾ بهتري آندي وئي آهي. هن وڌيڪ اسڪولس جي هيڊ ماسترن کي راندين جي ملندڙ سامان کي صحيح استعمال ۽ ٻارن جي غير نصابي سرگرمين کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڊي او هيڊ ڪوارٽر غلام شبير ميمڻ، ناز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر نثار احمد ميمڻ، ڊي او عبدالجبار مري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button