خبرون
-
ميرپوربٺورو : لاڪ ڊائون سبب ٿيليسيميا جا رت لاءِ پريشان، حڪومت واھر ڪري
ميرپوربٺورو ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪيترائي ٻار ٿيليسيميا مرض ۾ مبتلا ، لاڪ ڊائون سبب مريضن جي لاءِ رت جا عطيا نه ملي سگهيا ، ٿيليسيميا مريضن کي هر پندرهين ڏينهن رت ضرورت پوي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
ڪو به بکيو نه رھندو، سنڌ حڪومت ھر مستحق تائين پاڻ پھچندي، بلاول ڀٽو زرداري
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي لاڪ ڊائون دوران مستحقن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ هڪ مستحق جي گهر پهچي، مستحق ماڻهن جي امداد جي حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
ميرپوربٺورو: راشن نه ملڻ خلاف احتجاج، پوليس پاران گرفتاريون
ميرپوربٺورو شهر جي ورو شاهه محلي جي رهواسين جو کين راشن نه ملڻ جي خلاف سندن معصوم ٻارن سميت احتجاجي مظاهرو ، پوليس پاران گرفتاريون ، خبر موجب ميرپوربٺورو شهر جي ورو شاهه محلي ۾ ڪرونا وائرس سبب بي روزگار ٿيڻ سبب به کين اڃا تائين راشن نه ملڻ جي خلاف ورو شاهه محلي جي سوين رهواسين پاران مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت، وائرس جوخطرو وڌي ويو آهي: مراد علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس ڪيسن جي مقامي ٽرانسميشن ٽوٽل ڪيسن جو 10 سيڪڙو ٿي وئي آهي جيڪو هڪ خطرناڪ رجحان آهي اسان کي لازمي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
ملڪ ۾ سامان کڻي ويندڙ گاڏين تان پابندي ختم
وزيراعظم لاڪ ڊائون دوران گرفتار ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ۽ سڄي ملڪ جي گڊز ٽرانسپورٽ تان پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪرونا سان ڪهڙا حال ٿيندا ان جو ڪنهن کي به پتو ناهي، عوام مشڪل صورتحال لاءِ تيار ٿي وڃي ۽ بدترين حالتن جي تياري ڪئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
ميرپوربٺورو: باءِ پاس تان موٽر جو حادثو، نوجوان جان وڃائي ويو
ميرپوربٺورو لڳ بائي پاس تان موٽر سائيڪل تان لنگهندڙ نوجوان عبدالغفور جاڳو کي تيز رفتار سٽي ڪار جو زوردار ٽڪر ، جنهن سبب زخمي نوجوان زخمن سبب وفات ڪري ويو
وڌيڪ پڙھو -
ڪورونا وائرس وبا باوجود نوشھروفيروز ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ٿي سگھيو
نوشهروفيروز ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ٿي سگهيو، 10 کان 12 ڪلاڪ روزانه لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان، سيپڪو عملدار ڀتو اوڳاڙڻ ۾ مصروف. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اعلان باوجود نوشهروفيروز ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جاري
وڌيڪ پڙھو -
ميرپوربٺورو : شهر ۾ ڪرفيو جو عالم،سمورا ڪاروباري مرڪز ٽئين ڏينهن به بند
ميرپوربٺورو شهر ۾ ڪرفيو جو عالم ، ڪرونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي اعلان تي ميرپوربٺوري ۾ شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ٽئين ڏينهن به بند رهيا شهر جا سمورا دڪان ڪئبينون ۽ ٻيا ڪاروبار بند ڪيا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ نوان ڪيس رپورٽ، صوبي ۾ مريضن جو انگ 394 ٿي ويو
سنڌ ۾ 42 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي اندر ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن جو انگ وڌي 394 ٿي ويو. جڏهن ته ملڪ اندر ڪيسن جو انگ وڌي 884 ٿي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس بابت 26 هين اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني
وڌيڪ پڙھو -
بلاول کي صحافتي آزادي جي ڳالهه سونهين نٿي: فردوس عاشق
وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خط لکندي ئي نواز شريف جي بيماري جي تازي صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي وئي آهي، سندس بيماري تي حڪومت نه سندس پنهنجي پارٽي ئي سياست ڪري رهي آهي
وڌيڪ پڙھو