اھم خبرون

ميرپوربٺورو : شهر ۾ ڪرفيو جو عالم،سمورا ڪاروباري مرڪز ٽئين ڏينهن به بند

وقار ميمڻ، ميرپوربٺورو


ميرپوربٺورو شهر ۾ ڪرفيو جو عالم ، ڪرونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي اعلان تي ميرپوربٺوري ۾ شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ٽئين ڏينهن به بند رهيا شهر جا سمورا دڪان ڪئبينون ۽ ٻيا ڪاروبار بند ڪيا ويا آهن صرف ريزڪي ڪريانه جا دڪان توڙي سبزين جا دڪان کليل ڇڏيا ويا آهن جتان عوام پنهنجو راشڻ پاڻي وٺي سگهي جڏهن ته شهر جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ويهي رهيا آهن شهر جي مسجدن ۾ نمازين جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي شهر ۾ اجتماع کان لهرايو وڃي ٻئي طرف شهر ميرپوربٺورو جي پوليس جا اهلڪار شهر جي چپي چپي تي پهرو ڏئي رهيا آهن ٻه ماڻهو گڏ ڏسڻ تي کين ڌار ڪيو وڃي پيو ، جڏهن ته حڪومت سنڌ جو اعلان آهي ته ٻه کان مٿي ماڻهو ڪٿي به نه بيهن ان سلسلي ۾ شهر ۾ ڪرفيو جو عالم ڇانئجي ويو آهي .

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close