ڪراچي

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت، وائرس جوخطرو وڌي ويو آهي: مراد علي شاھ

انڊس نيوز، ويب ڊيسڪ
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس ڪيسن جي مقامي ٽرانسميشن ٽوٽل ڪيسن جو 10 سيڪڙو ٿي وئي آهي جيڪو هڪ خطرناڪ رجحان آهي اسان کي لازمي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ لاڪ ڊائون جي حڪومتي فيصلي جو احترام ڪندي انهن جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻو پوندو. تنهن ڪري مون پرچون جي دڪانن ۽ اسٽور جي وقت ۾ ڇنڇر کان ٽن ڪلاڪن تائين گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو هن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر بخاري، گهرو کاتي وارو سيڪريٽري عثمان چاچڙ، ڪور 5 جو برگيڊيئر سميع ۽ انڊس اسپتال جو ڊاڪٽر باري شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سکر، لاڙڪاڻي ۾ پانڌيئڙن کي ڇڏي ڪورونا وائرس جا 168 ڪيس ٿيا آهن جنهن مان 102 لوڪل ٽرانسميشن جا آهن. هن چيو ته انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته مقامي ٽرانسميشن جا ڪيس اڃان به وڌي رهيا آهن تنهن ڪري اسان سڀني کي مڪمل طور تي لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ان تي ضابطو آڻڻ واري صورتحال ۾ نه هونداسين. مراد علي شاهه چيو ته اسان جي عوام کي هلندڙ صورتحال جي سنجيدگي کي سمجهڻو پوندو. هن چيو ته اسان شام 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين دڪانون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ماڻهن انهيءَ جو غير ضروري فائدو کڻڻ شروع ڪيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مون فيصلو ڪيو آهي ته پرچون وغيره سميت دڪانون ڇنڇر کان صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کليل رهنديون. هن آئي جي پوليس مشتاق مهر کي هدايت ڪئي ته هو حڪم تي عملدرآمد ڪرائي. وڏي وزير مختلف مسجدن ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ بابت ڳالهائيندي چيو ته اهو گهڻو ڏکوئيندڙ فيصلو هو جيڪو ڏکايل دل سان ورتو. هن چيو ته اهو فيصلو مختلف مڪتب فڪر جي عالم سڳورن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي مناسب صلاح کانپوءِ ورتو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته ان فيصلي جو مقصد ماڻهن کي مقامي ٽرانسميشن کان بچائڻ آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته هن جمعي جي نماز پنهنجي گهر ۾ ادا ڪئي. هن چيو ته مون گهر ۾ پنهنجي مسجد جي امام جي پيروي ڪندو رهيس جيڪو لائوڊ اسپيڪر تي مسجد ۾ نماز جمعي جي امامت ڪري رهيو هو ۽ اسان سڀني کي اهڙي ريت پيروي ڪرڻ گهرجي. مراد علي شاهه آئي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪري ۽ ماڻهن کي بنا ڪنهن جائز سبب جي هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ جي اجازت نه ڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button