مختصر خبروننوشهرو فيروز

ڪورونا وائرس وبا باوجود نوشھروفيروز ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ٿي سگھيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، نوشهروفيروز
نوشهروفيروز ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ٿي سگهيو، 10 کان 12 ڪلاڪ روزانه لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان، سيپڪو عملدار ڀتو اوڳاڙڻ ۾ مصروف. تفصيل موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اعلان باوجود نوشهروفيروز ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جاري ،جنهن سبب شهري سخت پريشان، شهري اتحاد، ينگ سومرا، ينگ ميمڻ اتحاد، سولنگي اتحاد ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ڪيتريون ئي شڪايتون موڪليون ويون، پر هن مهل تائين اعلا عملدارن ڪو به جوڳو قدم نه کنيو آهي، شهرين صحافين کي لکت ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته نوشهروفيروز شهر ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سبب اهو آهي ته سيپڪو نوشهرو فيروز جا عملدارن پاران هزارين غير قانوني ڪنيڪشن ڊائريڪٽ ڏنا آهن جنهن جي ڪري پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ پورو ڏينهن بجلي غائب ڪري پنهنجا يونٽ برابر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن وڏو وزير سيپڪو جي ڪرپٽ عملدارن خلاف قدم کڻي شهري اتحاد جي اڳواڻن جي اپيل. هنن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اعلان ڪيو ويو ته پوري سنڌ صوبي ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جنهن سبب عوام گهرن کان ٻاهر نه نڪري، جڏهن ته وڏي وزير پاران اهو اعلان ڪيو ويو ته پوري صوبي ۾ بلڪل لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، نوشهروفيروز جي سيپڪو عملدارن پاران وڏي وزير جي ڪيل اعلان جي ڀڃڪڙي ڪندي پورو ڏينهن پوري شهر ۾ 10کان 12 ڪلاڪن تائين بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي سخت پريشان ڪري رهيا آهن نوشهروفيروز جي عوام وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪندي چيو ته هڪ طرف ڪورونا سبب عوام سخت پريشان آهي ٻئي طرف سيپڪو نوشهروفيروز وارن اسان کي سخت پريشان ڪيو آهي، ڪرپٽ لائين مين ۽ راشي عملدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن اعلا آفيسرن کان گهر ڪئي آهي ته راشي ۽ شرابي لائين مين اسلم ڪلهوڙو، سعيد ميمڻ ۽ ٻين ملوث عملدارن خلاف قدم کڻي کين نوڪري مان هٽايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button