ميرپوربٺورو

ميرپوربٺورو : لاڪ ڊائون سبب ٿيليسيميا جا رت لاءِ پريشان، حڪومت واھر ڪري

وقار ميمڻ

ميرپوربٺورو ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪيترائي  ٻار ٿيليسيميا مرض ۾ مبتلا ، لاڪ ڊائون سبب مريضن جي لاءِ رت جا عطيا نه ملي سگهيا ، ٿيليسيميا مريضن کي هر پندرهين ڏينهن رت ضرورت پوي ٿي ، رت جي نه لڳڻ ڪري مريض بيمار ٿي وڃن ٿا ، سندن جانين کي خطرو لاحق ٿي ويو ، خبر موجب ميرپوربٺورو ۽ ان جي آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٻارن کي ٿيليسيميا جي بيماري هجڻ جي ڪري کين هر پندرهين ڏينهن رت لڳايو وڃي ٿو جيڪو رت کين لاڪ ڊائون سبب رت جو عطيو نه ملڻ جي  ڪري نه چڙهي نه سگهيو آهي جنهن سبب ٿيليسيميا جي بيمارين وارا ٻار سخت پريشاني جو شڪار آهن ، ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ٻارن جي وارثن نفيس ميمڻ ، حاجي ميمڻ ، علي احمد ڏيٿو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪرونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون ٿي ويو آهي جنهن سبب سندن ٻارن کي رت جو عطيو ڪير ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ٻئي طرف پوليس ۽ رينجرز پاران روڪيو وڃي ٿو جنهن سبب هو رت جو عطيو نه ٿا ڏياري سگهن جنهن سبب سندن معصوم ٻارن جي زندگي کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي ، هنن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته خداراهه سندن ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو ڏياريو وڃي ته جيئن سندن ٻارن کي رت چڙهي سگهي ۽ ٻارن جي زندگي بچي سگهي .

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button