ميرپوربٺورو

ميرپوربٺورو: باءِ پاس تان موٽر جو حادثو، نوجوان جان وڃائي ويو

وقار ميمڻ، ميرپوربٺورو
ميرپوربٺورو لڳ بائي پاس تان موٽر سائيڪل تان لنگهندڙ نوجوان عبدالغفور جاڳو کي تيز رفتار سٽي ڪار جو زوردار ٽڪر ، جنهن سبب زخمي نوجوان زخمن سبب وفات ڪري ويو تفصيل موجب ميرپوربٺورو لڳ بائي پاس تان موٽر سائيڪل تي لنگهندڙ نوجوان عبدالغفور ولد صديق جاڳو موٽر سائيڪل تي گذري رهيو هو ته اوچتو کيس تيز رفتار سٽي ڪار زوردار ٽڪر هنيو جنهن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن سخت تشويشناڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال ۾ آندو ويو جتان زخمي کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو ، جيڪو رستي ۾ سجاول ويندي وفات ڪري ويو ، فوت ٿيندڙ نوجوان عبدالغفور ولد صديق جاڳو ميرپوربٺوري ۾ هوٽل تي چانهه کپائيندو هو ، ٻئي طرف ڪار ڊرائيور زهر بنگالي سميت بٺوري ٿاڻي تي حراست ۾ ورتي وئي آهي . ڳوٺ ۾ ڪهرام جو ماحول آهي .

ٽيگس
Back to top button
Close