ڪراچي

ڪو به بکيو نه رھندو، سنڌ حڪومت ھر مستحق تائين پاڻ پھچندي، بلاول ڀٽو زرداري

آءِاين اين، ويب ڊيسڪ
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي لاڪ ڊائون دوران مستحقن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، لاڪ ڊائون دوران ڏهاڙيدارن جي امداد جي باري ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته هڪ به مستحق ڪٿي بکايل نه رهي، هن سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت هڪ هڪ مستحق جي گهر پهچي، مستحق ماڻهن جي امداد جي حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن ماڻهن سان گڏيل مشاورت بعد لائحه عمل جوڙيو ويندو، هن چيو ته لاڪ ڊائون ڊگهو ٿيڻ جي صورت ۾ مڪمل رٿابندي ٿيڻ گهرجي ۽ عوام کي لاڪ ڊائون تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت روزاني بنياد تي ڏهاڙي ڪمائيندڙن جي امداد لاءِ ميڪنزم جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه، امتياز شيخ، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبائي وزير سعيد غني ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ حقدار ماڻهن جي نشاندهي ۽ انهن تائين پهچ جي منصوبابندي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلاول ڀٽو زرداري کي حڪومت جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حقدارن کي امداد جي حوالي سان ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪندس، سنڌ حڪومت هڪ هڪ حقدار جي گهر پهچي، حڪومت بنا دير سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن جي ذميوارن سان گڏيل حڪمت عملي لاءِ مشاورت ڪري، هڪ اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو ته حڪومت، فلاحي ادارا ۽ سرندي وارا هڪ پليٽ فارم تان حقدارن جي مدد ڪن، سرندي وارا ۽ فلاحي ادارا حڪومت جا ٻانهن ٻيلي ٿين. هن چيو ته سنڌ حڪومت حقدارن جي امداد جو بهترين نظام ٺاهيو آهي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي پاڙيسري جي به مدد ڪري سگهو ٿو ته هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن توهان ڪنهن شخص جي مدد ڪري سگهو ٿا ته اڳتي وڌو ۽ هن بحران ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، وائرس جي بحران سان گڏجي وڙهڻو آهي. سندس چوڻ هو ته لاڪ ڊائون جو عمل ڊگهو هجڻ جي صورت ۾ حڪومت وٽ مڪمل منصوبابندي هجڻ گهرجي، عوام کي اپيل ٿو ڪيان ته لاڪ ڊائون تي مڪمل عمل ڪن، منهنجي نظر ۾ سڀ کان اهم عوام جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ آهي. پ پ چيئرمين موجب ڪورونا ايمرجنسي سينٽرن ۽ اسپتالن ۾ اسان جا ڊاڪٽر بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ شڪي مريضن جي وڌ کان وڌ اسڪريننگ جو عمل جاري رکيو وڃي، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي سندن خدمتن تي سلام پيش ڪيان ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button