سکر شهر برائين جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، مولانا عبيدالله ڀٽو
سکر(بيورورپورٽ) آل پارٽيز ڪائونسل سکر جي چيئر مين مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد چيو آهي ته سکر شهر برائين جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي شهر جي اندر منشيات، پن پراگ، ڪچي شراب جي فروخت ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ جوئا جا اڏا، پنهنجي گناهن جي ڪاروبار عروج تي مصروف آهي پر سکر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي انهن خيالن جو اظهار هن جي يو آءِ جي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي انهن جا ماڻهو پيش آف موومينٽ جي اشفاق منگي، جي يو آءِ جي مولانا عبدالحق مهر، سٽيزن ويلفيئر آرگنائزيشن جي سيد عمران علي شاهه، جسقم جي نصير گوپانگ ۽ ٻيا به موجود هئا پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رهنمائن جو چوڻ هوته سکر اي سيڪشن، بي سيڪشن، سي سيڪشن، سائيٽ ايريا پوليس ۽ ٻين ٿاڻن جي طرفان جرائم پيشا ماڻهن جي سرپريستي ڪرڻ جي سبب شهر منشايت جي ڳڙهه بڻجي رهيو آهي هر جڳهه تي جوئا، پان پراگ، ڪچي شراب ۽ ٻين صحت لاءِ نقصان ڪار شيون وڪرو ٿيڻ ڪري نوجوان نسل تڀائيءَ جي ڪناري پهچي چڪي آهي پوليس جي سرپرستيءَ ۾ شهر ۾ سماجي برائيون عروج تي پهتل آهن پر پوليس ان برائين جي خاتمي لاءِ ڪي به مئثر قدم نه کڻي رهي آهي جنهن جي ڪري شهرين ۾ شديد مايوسي ڦهلجي وئي آهي پوليس پاران منشيات فروشن خلاف آپريشن نه ڪرڻ جو قسم کاڌل آهي ته پوءِ آل پارٽيز ڪائونسل ان برائين جي خاتمي لاءِ تحريڪ هلائڻ جي خلاف اعلان ڪري ٿي ۽ جلد شهر مان منشيات جي خاتمي لاءِ آل پارٽيز پاران احتجاجي مظاهرا ۽ ريلين سميت تحريڪ هلائي ويندي هنن حڪومت سنڌ ۽ پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته شهر مان منشيات فررشي جهڙو ڪڌو ڪاروبار جي خاتمي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ۽ نوجوان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.