مختصر خبرون

صحافت ۾ پاڻ مڃرائيندڙ ڪشور ڪمار

زين سولنگي
Kishore Kumarموجوده گمبٽ پريس ڪلب جو نوجوان صدر ڪشور ڪمار جنهن صحافت ۾ محنت ، سچائي جي بدولت ۾ تمام ٿورڙي عرصي ۾ ڪمال جو نالو ڪمايو آهي ، هن نوجوان صحافي کي ننڊڙي عمر ۾ اهو مقام مليو جنهن لاءِ ماڻهو سالن جا سال جدوجهد ڪندا آهن ، مگر ڪشور ڪمار صوفي صفت رکندڙ انسان آهي ، هميشه غريبن ، بي پهچ ماڻهن جي ڪم ايندڙ ، صحافت کي ٻين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪتب آڻيندڙآهي نه ڪي ٻين تي ظلم ڪرڻ ۽ نه ڪي مظلومن کي ڦرڻ لاءِ ڪتب آڻيندو آهي ، مگر ڪشور ڪمار هميشه ٻين جي لاءِ ئي جيئڻ کي ترجيح ڏيندا آهن . حقيقت ۾ پنهنجي لاءِ جيئڻ کان بهتر آهي ٻين لاءِ جيئجي ، ٻين غريبن ۽ مظلومن لاءِ جيئجي ، ان حوالي سان ڪشور ڪمار ان فلسفي تي هميشه عمل پيرا رهندي هن سماج جي بنيادي سماجي اشوز تي لکندو رهندو آهي ۽ ان لاءِ آواز اٿاريندا رهندا آهن .ڪشور ڪمار جنهن کي مون صوفي ڪشور ڪمار چوندو آهيان حالانڪ خيالن ۾ ، طبيعت ۾ ، لکڻين ۾ هو محسوس به صوفي ئي ٿيندو آهي ، حضرت سچل سرمست رح ۽ ڀٽائي سرڪار سان بي انتها محبت ڪندڙ هي نوجوان صحافي ڪشور ڪمار جنهن ننڊي هوندي کان ڏک ڏٺا ، ننڊي هوندي سندن والد صاحب جي اچانڪ وڇوڙي هنن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو ، مگر هنن حوصلو نه وڃايو ، هن پنهنجي ننڊن چئن ڀائرن ، ٽن نڊين ڀينرن ۽ امڙ جيجل سميت پوري ڪٽنب کي سنڀاليو ، ننڊي هوندي کان محنت ڪرڻ لڳا ، تعليم به پرائيندا رهيا ، ڀائرن ڀينرن تي به توجهه ڏيندا رهيا ، انهن جي سنڀال ۾ هنن ڪا به ڪسر نه ڇڏي ، اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ننڊڙي عمر ۾ والد صاحب جو وڇوڙو ٿي وڃي ، آمدني جو ڪو خاص ذريعو به نه هجي ، پوءِ يقينن ڪيترين پيڙائن کي منهنُ ڏيڻو پيو هوندو ، سو ڪشور ڪمار جنهن ننڊي هوندي کان محنت تي يقين رکيو اڄ تائين هو ان خيال جو آهي ته زندگيءَ ۾ جيڪو مقام محنت ۽ سچائيءَ سان ملندو ان سان ئي دل ۽ دماغ کي سڪون ملندو آهي ، هو هرگز شارٽ ڪٽ جو قائل ناهي ، هو هميشه جستجو ۽ جاکوڙ ڪري منزل کي رسڻ واري فلسفي جو قائل هوندي پنهنجي اداري م وڏي عزت ٺاهي آهي ، شهر توڙي ڳوٺن جا ماڻهو هنن کي عزت واحترام جي نگاه سان ڏسندا آهن ،سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جي آفيسن ۾ هنن کي عزت سان ڏسندا آهن ، هنن جي پيا تعريف ڪندا رهندا آهن ، مختلف علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جا دوست پڻ هنن سان سندن آفيس ۽ پريس ڪلب تي پيا ڪچهريون ڪندا آهن . مختلف پروگرامن ۾ گهرائي هنن کي مهمان خاص جي چيئر تي ويهاري گلن جا هار پارائيندا آهن ، ڪلهن تي سنڌي اجرڪ اوڊائيندا آهن ، اهو ڪيڏو وڏو اعزاز آهي هن نوجوان لاءِ ، رڳو گمبٽ نه مگر فقيرآباد کان ڊرٻ ميهرشاه ، کهڙا ، اڳڙا ، جادو واهڻ ، راضيديديرو ، قائم الدين ڪلهورو ڳوٺ کان ٽنڊومستي ، ڳوٺ ڀاڳيل جوڻيجو جي غلام حسين جوڻيجي کان ويندي ڳوٺ الهڏتي ڀنڊ جي صاحب خان ڀنڊ تائين ، درازا کان جنسار جتوئي جي ڳوٺ تائين اتي ٿيندڙ علمي ، ادبي ، سماجي ، تعليمي پروگرامن ۾ هنن کي سڪ ۽ پاٻوه سان گهرايو ويندو آهي ، ڪشور ڪمار پنهنجي ڪيئرامين آڪاش ڪمار سميت اچي انهن جي پروگرامن کي فلمبند ڪندو آهي ، انهن کي آن ايئر به ڪرائيندو آهي ، ڇو ته هو هڪ ذميوار ۽ ايمانتدار نوجوان جاکوڙي صحافي آهي .

ڪشور ڪمار انسانيت جو قائل هجڻ ناتي بنا تفريق جي سڀني انسانن جو احترام به دل وجان سان ڪندا آهن . صوفي ڪشور ڪمار پنهنجي اداري سان به بي انتها پيار جي حد تائين لڳاءُ رکندا آهن ، سندس روح روان سنڌي ميڊيا جو وڏو نالو عبدالرزاق سروهي صاحب جن کان هنن ڪافي سکيو آهي ، عبدالرزاق سروهي صاحب جن به هنن جي محنت ، سچائي ، ايمانتدار هجڻ ناتي پيا تعريف ڪندا آهن ، ڪشور جي پيا حوصلاافزائي ڪندا رهندا آهن ، رزاق سائين جن سان جڏهن اسان جي روبرو ملاقات ڪراچي ٿي هئي ان نجي ڪچهريءَ ۾ به صوفي ڪشور ڪمور کي ياد ڪيو هئائين ، حقيقت اها آهي ته صوفي ڪشور ڪمار صاحب جن به پنهنجي اداري جي هر ملندڙ اسائينمينٽ کي پوري لگن سان ، مقرر وقت ۾ ، تحقيقي بنيادن تي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ، هيپاٽائيٽس تي هنن جي اسٽوري بهترين نموني ڪئي ، تعليمي ادارن ، ميونسپل جي حوالي سان درپيش ايندڙ رهواسين کي مسئلن تي مبني رپورٽ به محنت سان جڙيل محسوس ٿي هئي ، ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙي جي ڳوٺ ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي وڌندڙ انگ تي هنن جي رپورٽ پڻ ساراه جوڳي هئي ، مطلب ته ڪشور ڪمار تحقيقي ۽ شمارياتي انگن اکرن سان پنهنجي رپورٽن کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪرڻ تي جس لهي ٿو .
صوفي ڪشور ڪمار جنهن صحافت جي تمام ننڊڙي عمر ۾ محنت ، سچائي سان مختلف عهدن کي وڃي رسيو ، جنهن ۾ هو پهريون گمبٽ يونين آف جرنلسٽس جو صدر ٿيا ، بعد پريس ڪلب جا سينئر نائب صدر ۽ هاڻ 2020 ، 2021 لاءِ پريس ڪلب گمبٽ جا صدر چونڊيا آهن ، اهڙا اعزاز هن ئي نوجوان کي ننڊڙي عمر ۾ مليا آهن، جن شخصيتن سان ويجهڙائي اٿن انهن ۾ اطلاعات کاتي جو ڊپتي ڊائريڪٽر نوجوان دانشور صاحب خان ڀنڊ ، ناليوارو صحافي ۽ صحافين جو اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ ، سائين حُسين شاه جيلاني آف درگاه ڊرٻ ميهر شاه ، شهري اتحاد جي اڳواڻ نثار احمد ابڙو ، تعليمدان حليم سومرو ، سينئر صحافي ادريس عاجز عباسي ، سينئر صحافي موليٰ بخش اڄڻ ، سينئر صحافي ميان زبيراحمد پيرزادو ، صحافي اقبال ابڙو ، حفيظ منگي ، نوجوان صحافي محمد علي اڄڻ ، ميراڄڻ ، انور منگي ، چاچا الهداد خان اڄڻ ، سعيد سڪندر منگي ، ڊاڪٽر فضل محمد ميمڻ وغيره اچي وڃن ٿا ، اڪثر انهن سان پيا ڪچهريون ڪندا آهن ، ڪڏهن انهن سان هلي ملي ايندا آهن ته ڪڏهن اهي پاڻ سندن آفيس تي اچي هنن سان ملندا آهن ڪچهريون ڪندا آهن .
صوفي ڪشور ڪمار جن تي فقير هارون سائين جن جي به نظر ڪرم رهي آهي ، ڪشور انهن جي دعائن جو هميشه گهرجائو رهيو آهي ، هميشه بزرگ فقير هارون سائين هنن کي دعائون ئي ڏيندا آهن ، ڪشور هن ڌرتيءَ جو امن پسند ، قانون جو پاسداري ڪندڙ شهري آهي ، غريبن ، يتيمن ، بي پهچ ماڻهن جي پيو اخلاقي ، سماجي مدد ڪندو وتندو آهي ، پنهنجي هڙئون توڙي وڙئون غريبن جي مدد لاءِ هميشه فڪرمند رهندو آهي ، مون هنن کي هميشه غريبن جي علاج ۾ درپيش ايندڙ ڏکاين کي دور ڪرڻ لاءِ گمس جي ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي کي پيو صلاحون ڏيندو آهي ، ڪيترن ئي غريبن ماڻهن جي مدد لاءِ ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي پيو فون ڪندو آهي سندس اهو عمل انتهائي ساراه جوڳو آهي ، اڄوڪي دور ۾ ٻئي مدد ڪرڻ کان چکا ڀلا ماڻهو ڪن لاٽار ڪيو وڃن ، پر هي نوجوان غريبن جي اخلاقي سماجي مدد ڪرڻ لاءِ اڳ کان اڳرو هوندو آهي . انهن غريبن ، بي پهچ ماڻهن جون دعائون هن لاءِ غنيمت کان گھٽ نه هونديون آهن ، انهن جي دعائن جو ئي اهو رنگ آهي جو هنن کي ڪاميابيون ملندنديون رهن ٿيون . صوفي ڪشور ڪمار جي شخصيت وڏڙن سميت نوجوانن توڙي نندڙن کي عزت ڏيڻ واري واٽ اڃان هنن کي وڏي منزل تي رسائيندي .
سماج کي ضرورت به اهڙن ئي نوجوانن جي آهي ، جيڪي مثبت رستي تي هلندي ترقي جون راهون طئي ڪندي ، هن سماج جي بي پهچ انسانن لاءِ ڀلو ڪن ۽ ڀلو سوچين .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button