دنيا جون قومون ۽ ترقي
"حڪيم” محمد لقمان پلي عمرڪوٽ
دنيا جون قومون جيڪي ترقي پذير آهن جن وٽ دنياوي سائنسي توڙي ٻيون اهم سهولتون ميسر آهن انهن جو بنياد اتحاد قومي انقلاب، قومي ثقافت جي پوئيواري ڪرڻ سميت بغير متڀيد جي وڏائي تڪبُّر هٺ لالچ خوف جي قوميت قائم رکڻ جو نتيجو آهي جو دنيا جا ترقي يافته ملڪ پوري دنيا ۾ خوشحال سرسبز امن امان جي صورتحال ۾ سرفهرست آهن.
هتي ڳالھ ڪجي ٿي اسان جي قوم جي جيڪا وطن جي حب ضرور رکي ٿي پر وطن جي قوم ۾ اتحاد ڀائيچاري رکڻ لاءِ بلڪل تيار ناهي. احتجاج ۽ ريلي جي صورت ۾ ردعمل لاءِ ان مقصد سان گڏ ٿيو ويندو جو ٻيو دوست چوي ته واقعي هي سنڌ پرست سنڌ جو سڄڻ، انتهائي درجي جو قومپرست آهي. حالانڪه اهو شخص هڪ محدود دائري يعني گهر جي گهٽي تي ويٺل پاڙيسري جو به خيرخواه ناهي ٿي سگهيو ان جي به دل ڪنهن نموني آزاري ڇڏي هوندس. سنڌ جي عظيم ۽ قديم تاريخ ۾ اهڙي قوم نه هئي جيڪا اڄ 15 صدي ۾ سنڌ جي وارث ٿي ڪري سنڌ جي مسئلن تي بيداري کان پٺتي پيل آهي. ان قوم کي يعني اسان سڀني کي جن انقلابي رستن جي ضرورت آهي ان جي پهرين سيڙهي ۽ بنياد پاڻ ۾ اتحاد بغير ڪنهن ذات مذهب جي متڀيد جي ضرورت آهي. جيستائين اسان پاڻ کي هڪ قوم جي نظريي سان تسليم نه ڪنداسين. تيستائين ڪنهن به انقلاب جو ٿيڻ ناممڪن آهي. ٻين ملڪن جا ماڻهو ۽ اقتدار جا پڳدار اسان جي احتجاجن ريلين کي ايئن آبزر ڪندا آهن ته ڄڻ اسان هميشه ان فطرت تائين محدود رهنداسين. اسان پنهنجي ڳالھ کي وزنائتي تڏهن ڪري سگهو ٿا جڏهن اسان وٽ اتحادي قوت قومي ڀائيچاري مضبوط هوندي. جيڪڏهن اسان اڃان به ان تعارف تائين محدود رهياسين ته.. ڪو مسئلو پيش اچي ٻه ٽي لفظ چئي مشهور ٿيون ميڊيا تي ڳايو وڃي ڪجهه فالورز ٿين پوءِ وڏيرن ۾ خوف پکڙجي ڀتا کلن مال گڏ ڪيون ته اهڙي سوچ ۽ اهڙي فطرت قومي نه چئبي بلڪه سنڌي ٻوليءَ ۾ آسان لفظن ۾ اهڙي فطرت رکندڙ کي "ڀتاخور” ۽ "حرام خور” چئي سگهجي ٿو. قومي ڪارڪن چوڻ عظيم قوم جي عظيم تذليل آهي.
جيڪڏهن قوم کي حقيقت ۾ پنهنجي وسيلن جزيرن پنهنجي سنڌو درياھ ۽ سنڌ جي زمينن سان پيار ۽ انهن جي تحفظ جو دل ۾ احترام ۽ گهرج آهي ته پوءِ پهرين اتحاد کي هٿي ڏي، هر سنڌ واسي سان اتحاد ڪري جيڪو غريب هجي يا بي گهر هجي کپي همالپو ڪندڙ هجي. اڪثر ڏٺو وڃي ٿو ته قومي رهنمائي لاءِ وڌندڙ ماڻهو وڏيري ڀوتار سردار خان نواب جو پاسو وٺي ٿو، صحيح معني ۾ ان جي نوڪري ڪري ٿو.
قوم جي مضبوطي جو ٻيو قدم آهي متڀيد کي ختم ڪرڻ جيڪا اڄ جي ضرورت آهي. ڏٺو وڃي ته متڀيد جي ڪري اڪثر ماڻهو مذهب کي استعمال ڪن ٿا ته ذات پات کي به جيڪو سڌو مذهبن ۽ ذاتين تي کليم کليو ڌاڙو هوندو آهي. متڀيد کي ختم ڪرڻ مان مراد صرف گلي ملڻ، کلي ڳالهائڻ، گڏ دسترخوان تي ويهڻ ناهي بلڪه ان جي خيال تصور نظريي جي ڇيڙڇاڙ کان پاسو ڪرڻ سميت، ننڍي وڏي ذات واري ماڻهوءَ کي هڪ عزت ۽ احترام ڏيڻ به ضروري هوندو آهي ته دلي طور تي هرڪنهن سان همدردي رکڻ هڪٻئي جو احساس رکڻ هڪٻئي جي ڏک سک جو ساٿي ٿيڻ به لازمي آهي.