نئين دور ۾ استاد جو نئون فرض
نـــاچيز ميمڻ
پنج آڪٽوبر تي پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ بہ استادن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي. ان ڏينھن شاگرد پنھنجي استاد جي شفقت ۽ مھرباني کي ياد ڪندي انھن سان عقيدت جو اظھار ڪندا ۽ استاد وري سندن تعريف ٻڌي ھڪ ڏينھن لاء سرھا ٿيندا تہ ڀلا ڪڏھن ئي صحيح شاگردن اسان کي ياد تہ ڪيو. جيتوڻيڪ ھي ڏينھن ملھائڻ جو مقصد بہ اھو ئي آھي تہ جيئن شاگردن کي استاد جي شان ۽ عظمت جو احساس ڏياريو وڃي. پر ڇا ھتي پاڻ وٽ سڀني شاگردن جي بھترين مستقبل لاء استاد کان ڪو وچن يان واعدو ورتو وڃي ٿو يان نہ.!؟
الئہ ڇو منھنجي دل ۾ اھا ڳالھ گھر ڪري ويھي رھي آھي تہ استاد شاگرد لاء سڀ ڪجھ ڪرڻ باوجود بہ ڪجھ گھٽ ٿو ڪري شايد انھيءَ ڪري ھن ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ اھل شعور ماڻھن جي کوٽ آھي. غور ڪيو مون اھل شعور چيو ڇو تہ پڙھيل لکيل ھجڻ جو پنھنجو پاسو ۽ اھل شعور ھجڻ جو پنھنجو مان مرتبو آھي. آخر ڪھڙي وجہ آھي جو ھڪ ڪلاس جي 50/60 پنجاھ سٺ شاگردن مان صرف چند ئي ڪنھن منزل مقام تي پھچن ٿا، نہ تہ ٻيا سڀ دربدر ء مفلسيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ھاڻ ھتي وري ھڪ روايتي سوال ٻُڌڻ لاء ملي ٿو تہ اھي شاگرد محنت ڪري پڙھيا ڪو نہ ھوندا. نہ سائين اھو انھيءَ سوال جو جواب ئي ناھي اصل جواب اھو آھي تہ توھان انھن کي محنت ڪري پڙھايو ئي نہ ھوندو.
توھان چوندا تہ ننڍپڻ ۾ ھر ڪو ٻار شرارتي ھوندو آھي ۽ آئون بہ توھان کي سادگي سان سمجھائڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان تہ ٻار ھوندو آھي تڏھن تہ شرارت ڪندو آھي نہ تہ سُلجھيل ماڻھو ڪڏھن بہ پاڻ کي پريشان ناھي ڪندو. تنھن ڪري ھڪ استاد جو فرض آھي تہ ھو پھرين شاگرد جي نفسيات کي سمجھندي ھن مطابق پنھنجو رويو رکي، تہ ھو ڇا ٿو چاھي ۽ ڪيئن ڪلاس ۾ ھوشيار ۽ چست ٿي سگھي ٿو.
ھڪڙو شاگرد ڪلاس ۾ پھرين کان ڪافي ھوشيار ۽ ٽيلينٽيد آھي تہ ان کي ٿورو گھٽ وقت ڏئي ان جي حصي جو وقت ان شاگرد کي ڏيڻ گھرجي جيڪو ٿورو شرارتي ۽ موڳو آھي. ڇو تہ پھرين پاڻي ان کي پياربو آھي جنھن کي الاھي اُڃ ھوندي آھي. آئون يقين سان چوان ٿو تہ ھڪ استاد جو مڪمل توجع ۽ پيار ڪنھن شاگرد جو مستقبل روشن ڪري سگھي ٿو.
ڇو تہ جيئن پاڻ پيار ۽ امن چاھيون ٿا بلڪل ائين ئي ٻار بہ شفقت ۽ محبت گھرن ٿا تشدد ڪنھن بہ مسئلي جو حل ھجي ھا تہ دنيا ۾ ڪڏھن بہ جنگيون نہ لڳن ھا.تنھن ڪري ھر استاد کي انھيءَ معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گھرجي تہ ھڪ موڳي شاگرد کي ڪنھن منزل مقام تي ڪيئن پھچائجي.
ھڪ استاد چوندو آھي تہ شاگردَ منھنجي ٻچن جيئان آھي پر چوڻ ۾ ۽ ڪرڻ ۾ فرق آھي ڇو تہ ڪو بہ استاد ايترو ڪنھن غريب شاگرد جي مستقبل لاء پريشان ناھي ھوندو جيترو ھو پنھنجي اولاد جي لاء ھوندو آ، ھو ھر وقت صرف ائين سوچيندو آھي تہ ڪيئن پنھنجي پٽ توڙي نياڻي کي ھوشيار ڪري اڳيان آڻيان. پر سندس ڪنھن غريب شاگرد لاء اڪثر ھي نعرو ھڻندو آھي تہ ” پڙھو نہ پڙھو وڃي ٻڏي مرو، ڇو تہ منھنجو پگھار کڙو “ ھاڻ چوڻ جو مقصد اھو تہ جيستائين ھڪ استاد رياڪاري ڇڏي سڀني شاگردن لاء ھڪ جھڙو نٿو سوچي تيستائين ھي ملڪ ڪڏھن بہ ترقي نہ ڪري سگھندو.
تاريخ گواھ آھي تہ جاپان ملڪ جي ھيروشيما ۽ ناگاساڪئ جھڙي برباد شھرن جيڪڏھن وري آبادي ۽ خوشحالئ جو منھن ڏٺو تہ صرف ڪجھ باڪمال ۽ باڪردار استادن جي ڪري.
ھاڻ جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ پنھنجي سنڌ بہ ھيئر اھڙي ئي تباھي ۽ بربادئ جي لپيٽ ۾ آھي، جتي جھالت، بي ايماني، ڪرپشن، بي روزگاري، ۽ مھانگائي واڪا ڪندي رھي ٿي. جتي باشعور ماڻھو ئي پريشان آھي تہ اتي غريب ۽ موڳي ماڻھو جي ڪھڙي حالت ھوندي. ھي معاشرو ڪڏھن بہ ڪامل نٿو ٿي سگھي جيستائين ھر استاد ڪامل نہ ٿيندو. تنھن ڪري ان جو فرض آھي تہ ھو شاگرد جي دماغ ۾ رھڻ بجاء ھن جي دل ۾ رھڻ جي ڪوشش ڪري. انھئ سان اھو فائدو ضرور ٿيندو تہ استاد کي پڙھائڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ شاگرد کي وري پڙھڻ ۾ لطف ملندو.