خيرپورشاھ عبداللطيف يونيورسٽي

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾  اونھاري جون موڪلون ختم، 15 آگسٽ 2023 کان ڪلاس شروع ٿي ويندا

انڊس نيوز، خيرپور

SALU meeting

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾  اونھاري جي موڪلن ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻيئن سيميسٽر جا ڪلاس شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊينز ڪاميٽي جو اھم اجلاس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا. فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي جو مين ڪيمپس سان گڏ شھدادڪوٽ ۽ گھوٽڪي ڪيمپسز پڻ اونھاري جي موڪلن ختم ٿيڻ بعد 15 آگسٽ 2023 تي کوليا ويندا ۽ ٻيئن سميٽر جا ڪلاس ساڳئي ڏينهن کان شروع ٿي ويندا. فيصلو ڪيو ويو ته رجسٽرار آفيس استادن ، آفيسرن ۽ ملازمن جا آءِ ڊي ڪارڊ تيار ڪندو ۽ يونيورسٽيءَ جو عملو لازمي طور تي سڀني آفيسن ۾ دفتري وقتن دوران اھي ڪارڊ پھريندا. فيصلو ڪيو ويو ته ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز آئي ٽي منيجر جي تعاون سان ٻئي سيميسٽر جا ڪلاسز شروع ٿيڻ بعد 15 ڏينھن اندر  شاگردن لاءِ آئي ڊي ڪارڊ تيار ڪندو ۽ فيڪلٽين جا ڊين صاحبان، تدريسي ادارن ۽ شعبن جا سربراھ ھن عمل کي يقيني بڻائيندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي جي مختلف هنڌن تي نصب ٿيل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو جائزو ورتو ويندو ۽ خراب ڪيمرائن  کي فوري طور تي تبديل ڪيو ويندو. ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر ۾ تعينات عملو چوڪسي سان پنھنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندو ۽ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي کي بھتر بڻائڻ لاءِ  ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرز ۽ سيڪيورٽي سيڪشن سان رابطي ۾ رھندو.  ٻئين سيمسٽر جا ڪلاس شروع ڪرڻ جا سڀئي انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن جن ۾  ٽائيم ٽيبل تيار ڪرڻ، صفائي سٿرائي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام شامل آھن. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي مشوري ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ۽ لينگويجز، پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر امير حسين شر ڊين فيڪلٽي آف مينيجمنٽ سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحسين شر ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر قاصد حسين ملاح ڊين فيڪلٽي آف فزيڪل سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري رجسٽرار ۽ زوهيب شفقت ميمن سيڪريٽري ٽو وائيس چانسلر شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button