شاھ عبداللطيف يونيورسٽيخيرپور

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قرآن پاڪ ڪارنر جو افتتآح ڪيو ويو

انڊس نيوز،خيرپور

SALU Quran corner

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز ۾ قرآن پاڪ ڪارنر جو افتتاح يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪيو. ان موقعي تي الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ميوزيم سکر جي ڊائريڪٽر فقير امان اللھ ماڪو پاران ڪارنر لاءِ قرآن پاڪ جا 50 نسخا عطيہ ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز ۾ قرآن پاڪ ڪارنر جو قيام هڪ بهترين ۽ مقدس قدم آهي. هن چيو ته قرآن پاڪ هڪ آفاقي ڪتاب آهي جيڪو اسلامي قدرن، انسانيت جي احترام، سائنس ۽ انساني زندگيءَ جي سمورن رخن بابت وسيع معلومات جو سرچشمو آهي. هن چيو ته الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ميوزيم سکر سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون وينديوين ته جيئن استاد ۽  شاگرد اتي موجود تحقيقي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. وائيس چانسلر الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ميوزيم سکر قائم ڪرڻ تي فقير امان الله ماڪو جي خدمتن کي ساراهيو ۽ هن روحاني تقريب جي انعقاد تي ڊاڪٽر زين العابدين آريجو ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز چيو تہ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز متحرڪ طور ڪم ڪري رهيو آهي. قرآن پاڪ الله تعالي جو آفاقي ڪتاب آهي جيڪو پوري انسانيت لاءِ هدايتون، رھنمائي ۽ روشني مهيا ڪري ٿو. هن چيو ته هن ڪارنر جي قيام سان استاد ۽ شاگرد پنهنجي قرآني تحقيق شروع ڪندا. وائيس چانسلر جي صلاحڪار براءِ اڪيڊمڪس پروفيسر ڊاڪٽر مينھون خان لغاري قرآن پاڪ جي اهميت ۽ عظمت تي روشني وڌي. هن چيو ته قرآن پاڪ اهو مقدس ڪتاب آهي جيڪو اسان جي نبي پاڪ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم تي مڪمل ضابطه حيات جي طور تي نازل ٿيو. فقير امان اللھ ماڪو خطاب ڪندي چيو تہ الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ميوزيم ۾ قرآن پاڪ جا نسخا وڏي تعداد ۾ موجود آهن. اسان وٽ هن وقت دنيا جي 60 ٻولين ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو موجود آهي. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ پاران قرآن پاڪ جا 20 هزار کان وڌيڪ نسخا دنيا ۾ مفت ۾ ورهايا ويا آهن ته جيئن الله تعالي جو آفاقي پيغام عام ٿي سگهي. هن ان مقدس ۽ روحاني تقريب کي منعقد ڪرڻ تي وائيس چانسلر جي ڪوششن کي ساراهيو. فقير امان اللھ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن کي پنهنجي انسٽيٽيوٽ ۾ تحقيق ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ڊاڪٽر زين العابدين آريجو قائم مقام ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز تقريب ۾ مھمانن کي ڀليڪار پيش ڪيو. هن تقريب جي مقصدن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهي ڏني ۽ انسٽيٽيوٽ جي تحقيقي ۽ علمي سرگرمين تي روشني وڌي.  تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض شمائله رباب رضوي سرانجام ڏنا. تقريب ۾ ڊاڪٽر امير احمد ميربحر، مجيب الرحمان سولنگي، ڊاڪٽر علي رضا لاشاري، زوهيب شفقت ميمڻ، استادن ۽ محققن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button