قمبر

ٻوڏ متاثرن جو احتجاج، سرسو جي سروي کي رد ڪرڻ جو اعلان

Protest at Shahdadkoat

شاهد اعواڻ
شھدادڪوٽ
شھدادڪوٽ ۾ شھري جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻوڏ متاثرن جي ٻوڏ دوران گهر گهر سروي جي پھرين قسط جي رقم جاري نه ڪرڻ واري عمل خلاف ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي جلد پھري قسط جي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي . ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ نصير سيلرو، رفيق کوسو، وقار چانڊيو، عامر ڪمبوھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ٻوڏ دوران پاڪ آرمي جي نگراني ۾ قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي ٻوڏ ۾ ڊھي پٽ پيل گهرن جي سروي ڪئي وئي ھئي. سروي جي 9 مھينا گذرڻ بعد گهرن جي تعمير لاء پھرين قسط جي رقم 75 ھزار روپيا جاري ڪيا ويا آهن انهيَ رقم 3 مھينا گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کي 75 ھزار روپين جي قسط نه ڏني وئي آهي . ھاڻي وري 75 ھزار روپيا ڦٻائڻ لاء اٽڪل ڪري سرسو ذريعي ٻيھر سروي ڪئي وڃي ٿي.
ھنن چيو ته سرسو جي سروي کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا . ھنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ سميت ٻين اعلي ادارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته پاڪ آرمي جي نگراني ۾ ڪيل سروي کي بحال ڪري جاري ڪيل 75 ھزار روپين جي قسط جاري ڪري ٻوڏ متاثرن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button