قمبر

شهدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرن ۽ چوري خلاف احتجاج جاري

شاهد اعواڻ
شهدادڪوٽ

Protest in Shahdadkoat


شهر ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرن ۽ چوري واقعن خلاف شهري ٻئي ڏينهن به سرآپا احتجاج، پوليس خلاف نعريبازي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جو شهر ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرن، چورين جي واقعن خلاف ايس يو پي ضلعي صدر حاڪم مستوئي، شهري اتحاد صدر ڪامريڊ وهاب پندراڻي، الله داد خشڪ، رميز تونيو، آصف مگسي، حمل خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ هر روز خاص ڪري رات جي وقت شهر جي مک روڊن تان ڦرن ۽ چوري جا واقعا روز معمول بڻجي ويا آهن پر پوليس انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن چيو ته بدامني تي پوليس اگهور ننڍ ستل آهي، هنن چيو ته چوري، ڦر واقعن تي عام شهري سميت واپاري طبقو سخت پريشان آهي هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ وڌندڙ امن امان جي خراب صورتحال جو نوٽيس وٺي امن قائم ڪري ڏئي شهرين کي سک جو ساه کڻڻ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ جو پڻ چتاء ڏنو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button