خيرپور

خيرپور ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي

انڊس نيوز، خيرپور

Rally in favor of Pak Army

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ينگ پيس ڊيولپمنٽ ڪور پاران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي قيادت ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته اسان جو ملڪ پاڪستان جي مسلح فوج جي مدد سان محفوظ آهي هي ادارو متحد آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو ملڪ مڪمل طور تي محفوظ آھي ۽ مسلح فوج ملڪ جو دفاع ڪري رهي آهي. پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جنگ ۽ امن جي ڏينهن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. جنگين دوران هزارين سپاهي ۽ آفيسر شهيد ٿيا ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ به دهشتگردن ۽ شرپسندن خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيا. وقت جي ضرورت آهي ته اسان پنهنجي فوج جي هيروز جو احترام ڪيون. هن چيو ته ادارا مضبوط هوندا ته صوبا عوام جي خدمت صحيح طريقي سان ڪري سگهندا. ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ ريلي جي آرگنائيزر پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري مسلح فوجن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته 9 مئي جو سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته شرپسند شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۾ ملوث هئا. انهن يادگارن کي تباهه ڪيو. جناح هائوس، پشاور ريڊيو اسٽيشن تي حملا ڪيا ويا قومي ورثي کي به باهه ڏني وئي. هن چيو ته حساس فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا ويا. اهو عمل بغاوت جي زمري ۾ اچر ٿو. پاڪ فوج ملڪي سلامتي، علائقائي سالميت ۽ نگراني لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي. رياست جي حفاظتي سرشتي کي مضبوط ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سجاد علي رئيسي پاڪ فوج جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته فوج ملڪ جي دفاعي لائين جي حيثيت سان اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏي فوج آهي. هن چيو ته اسان مسلم دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت آهيون. اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ پاڪ فوج سان گڏ آهيون. ڊاڪٽر علي رضا لاشاري انچارج اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر خطاب ڪندي چيو ته اسان پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جا ٿورائتا آهيون جن جي سرپرستي ۽ قيادت ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي ريلي جو اهتمام ڪيو ويو آھي.  ريلي ۾ وائيس چانسلر جي صلاحڪار براءِ اڪيڊمڪس پروفيسر مينهون خان لغاري، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو، ڊاڪٽر عنايت الله ڀٽي، مشتاق علي خاصخيلي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button