قمبر

شھدادڪوٽ: عورتاڻي آواز جي ڪشش، رڪشا ڊرائيور اغوا

شاهد اعواڻ

شھدادڪوٽ

رڪشا ڊرائيوراختيار مگسي  عورتاڻي آواز تي حرڪجي اغوا، پوليس پاران تصديق،ڌاڙيلن  60 لک روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتي، ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ نياز مگسي جو رھواسي 35 ورهين جو رڪشا ڊرائيور اختيار مگسي ٽن ڏينهن کان گم ٿي ويو  ھو. جنهن تي  اختيار مگسي جي والد گل بھار مگسي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڌاڙيلن پاران فون تي ڌمڪي ڏئي 60 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ منهنجي پٽ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آھن. جنهن اطلاع اي سيڪشن ٿاڻي ڏنو ويو آھي هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس او طفيل احمد احمداڻي ٻڌايو ته واقعي جي جانچ ڪري رهيا آهيون، نوجوان فون تي ڳالهائيندي رضا خوشي سان نڪري ويو آهي ۽ اسان جي ٿاڻي جي حد مان اغوا ناهي ٿيو جنهن جي موبائيل هني ٽريسنگ ذريعي فون جي لوڪيشن ۽ آخري ڪال ڪشمور، ڪنڌڪوٽ جي ملي آهي جنهن مان تصديق ڪري سگهجي ٿي ته نوجوان اغوا ٿي ويو. ٻئي پاسي نوجوان جي وارثن بازيابي لاء احتجاج ڪري نوجوان کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button