فريدآباد

فريدآباد ٿاڻي ڀرسان مسافر بس ڪلٽي ڊرائيور سميت 2 ڄڻا زخمي

فھدعلي بروھي
فريدآباد

Fareedabad-Accident


فريدآباد گاهي خان سيلرا لنڪ روڊ تي بس ڀڳل موري ڪراسنگ ڪندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڌامراه واه ۾ ڪري پئي جنهن سبب ڊرائيور راحب علي سيلرو سميت ٻه ڄڻا معمولي زخمي ٿي پيا ياد رهي ته 2022 واري مها ٻوڏ ۾ فريدآباد ۽ آسپاس ۾ روڊ رستا تباه حال آهن روڊن رستن جو ڪم نه ٿيڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويو آهن جڏهن ته ٻوڏ کي 8 مهينا گذرڻ باوجود به فريدآباد ميهڙ مکيه روڊ کي ڏنل ڪٽ به اڄان تائين بند ٿي ناهي سگهيو جنهن سبب علائقي واسي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ ڪرڻ تي مجبور آهن علائقي واسين اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته فريدآباد ۽ آسپاس ۾ تباهحال روڊ ٺهرائي رستا بحال ڪيا وڃن۔

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button