آرٽيڪل

ايراني جنرل قاسم سليماني

زهير حسين حيدري

قاسم سليماني

11 مارچ 1957ع تي ايراني صوبي ڪرمان جي رابر شهر ۾ پيدا ٿيندڙ، تاريخ ۾ بهادر، شجاع، هر دلعزيز،پرهيزگار، تهجدگذار، انسانيت جي انيڪ ڪمالات جي خوبين سان سرشار شخصيت طورپاڻ کي مڃائيندڙ قاسم سليماني ۽ عراق جي حشد شعبي جي ڊپٽي ڪمانڊر ابو مهدي المهند سميت ڪل 8 ڄڻن کي دُنيا جي وحشي درنده ۽ شيطان صفت آمريڪي صدر ڊولنڊ ٽرمپ جي ذاتي حڪم هيٺ 03 جنوري 2020ع تي آمريڪي ڊرون حملي جي ذريعي عراق جي هوائي اڏي تي شهيد ڪيو ويو، جيڪو اهڙو عمل هو جنهن پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو.
جنرل قاسم سليماني صرف هڪ جنرل نه پر هُو دنيا ۾ آمريڪا ۽ سندس ساٿارين جو دُشمن۽ پوري سامراج جي اک جو ڪنڊو هو. سندس قتل کان هڪدم پوءِ ايران اعلان ڪيو ته “آمريڪا اسان جي انتقام جو انتظار ڪري” عام تجزيه ڪرڻ وارا مختلف حوالن سان آمريڪا ۽ ايران جي فوجي طاقت جي ڀيٽ ۾ اخبارن ۽ رسالن جا ڪاڳر ڪارا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا.ٽي وي چينلن تي وڏا وڏا مدبر مختلف پاسن کان حقيقتن تي ويچارڻ ۾ لڳي ويا.ڪي چئي رهيا هُئا ته (جيو نيوز چينل موجب) آمريڪا وٽ 30 لک فوج آهي،جڏهن ته ايران وٽ فقط 5 کان 6 لک فوج آهي، جنهن ۾ ڏيڍ لک انقلابي گارڊ آهن. آمرڪي فوج ستن براعظمن (کنڊن) ۾4 هزار800 دفاعي مقامن تي سڀ کان وڌيڪ فوجي صلاحيتن جو مالڪ آهي.آمريڪاساليانه 700 ارب ڊالر فوجي صلاحيتن تي خرچ ڪري ٿو.آمريڪا نيوڪليئر پاور آهي،ان جي ايئر فورس وٽ 52 بمبار جهاز آهن ۽ هڪ 52 بمبار جهازتي 20 ڪروز ميزائيل لوڊ ڪري سگهجن ٿا. آمريڪا جو B-2 جنگي جهاز مشڪل سان ڪنهن ريڊار ۾نظر ايندو آهي جنهن ڪري هي دُنيا ۾ ڪنهن به دفاعي نظام کي آسانيءَ سان نقصان ڏيئي سگهي ٿو.هو هن کان اڳ ان جهاز کي شام، عراق۽افغانستان۾استعمال ڪري چڪو آهي،ان۾ چارانجڻيون آهن،هي آمريڪي جهازن۾سڀ کان وڌيڪ ساز۽سامان رکندڙ جهاز آهي.آمريڪاوٽ اهڙا 1800 جهاز آهن۽اهوجهاز ريڊار۾نظر ئي نه ايندو آهي.آمريڪي نيوي بحرين ايئرڪرافٽ جيڪي فضائي حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا،سمنڊ کان وٺي زميني حدن تي به ٽارگيٽ ڪري سگهن ٿا۽هڪ ئي وقت ۾15 ٽارگيٽس جي معلومات فراهم ڪري سگهن ٿا.اُن وٽ 11 ايئرڪرافٽس آهن جيڪي هڪ بحري جهاز ۾هڪ وقت 60 جنگي جهازن کي سنڀالي سگهن ٿا،جڏهن ته ايران وٽ ظاهري طور ڪا به اهڙي طاقت نه آهي جو سڌي ريت آمريڪا تي حملو ڪري سگهي،ڇو ته ايران وٽ سامونڊي فوج صرف 20 هزارن تي مشتمل آهي.ان وٽ آمريڪا جي مقابلي ۾ ڪو اهڙو جنگي جهاز نه آهي.ان وٽ بيليسٽڪ ميزائلن ۾ شهاب،ذوالفقار،قيام۽فتح موجود آهي. جيڪي صرف اسرائيل،سعودي عرب ۽يورپ جي ڪجھ ملڪن تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا.جن ۾وڌ ۾وڌ شهاب ميزائيل جي 2000 ڪلوميٽرن جو هدف آهي.پابندين سبب هو عالمي منڊين کان هٿيار به نٿو وٺي سگهي.
پرايڏي ساري تجزيه کان پوءِ به دُنيا مسلسل ڏسندي رهي ته دُنيا جا 157 اسلامي ملڪ آمريڪا کي آقا چوندا رهيا ۽ واحد ايران هو جيڪو سرِعام آمريڪا کي “ڪُتي” جي لقب سان تعبير ڪندو رهيو.اهو ايران جيڪو ائٽمي ملڪ به نه آهي، بلڪه مذهبي طور مستحڪم عقيدي رکندڙ ملڪ جي مذهبي قائد آيت الله خميني پاران ائٽم بم ٺاهڻ کي شرعي فتوى طور حرام قرار ڏنل آهي.اُن ملڪ جي ڪرنسي به ڪريل آهي.اُهو ايران ايڏي سپر طاقت کي ڌمڪائي رهيو هو جنهنجي ڊالر جو اگھ وڌيڪ آهي. پاڪستان جو هڪ روپيو، 261.18 ايراني ريال جي برابر آهي. اهو ملڪ نه آئي ايم ايف جو قرضي آهي، نه ورلڊ بئنڪ کان قرض ورتل اٿس. اهو اُن ملڪ کي پلاند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي رهيو هوجنهن ملڪ اڳيان ڪيترا ملڪ پنڻ جا ڪستا جهليو بيٺا هوندا آهن،جنهنجا هيروشما ۽ ناگاساڪي کان وٺي افغانستان تائين ڪيترن بي گناھ انسانن جي رت ۾ هٿ رڱيل آهن.پر تعجب جي ڳالھ اِها آهي ته ايراني جذبي جي للڪار ۽ ميدان ۾ ڏنل رجز کان ايڏو ائٽمي طاقتور ملڪ به ايترو ڊنل رهيو جو قاسم سليماني۽ٻين شهيدن جو پلاند نه وٺڻ جي عيوض ايران تان سڀ پابنديون هٽائڻ جي پيشڪش ڪري ويٺو۽ انکان به وڏي حيران واري ڳالھ اِها نظر آئي ته ايران اُن پيشڪش کي ٺڪرائي ڇڏيو۽ آيت الله خامنااي اُن پيشڪش جي جواب ۾ اِهو چيو ته “جيڪڏهن آمريڪا اسانجو هڪڙو ماريندو ته اسان اسندس 10 مارينداسين، اُهو وقت هليو ويو جو آمريڪا اسان کي ماري هليو وڃي،هاڻي اسان آمريڪا جو پيڇو ڪنداسين ۽ هڪ ڏينهن آمريڪا گوڏن ڀر هلي اسان وٽ ايندو”خامنااي پنهنجي بيان ۾ اِهو به چيو ته “هڪ سخت انتقام انهن جو منتظر آهي، جن نجس ۽ پليد هٿن قاسم سليماني ۽ ٻين شهيدن جي خُون سان پنهنجي هٿن کي رڱيو آهي. آمريڪا کان جنرل قاسم سليماني جو بدلو ورتو ويندو”قاسم سليماني جي قتل تي لبنان جي حزب الله ليڊر سيد حسن نصرالله هڪ جذباتي پيغام ۾ چيو ته “ جيڪڏهن اسان مارجي ختم ٿي وڃڻ وارن مان هجون ها ته ڪربلا ۾ ئي ختم ٿي وڃون ها”
اُن واقعي جي پهرين ردِ عمل ۾ 4 جنوري 2020ع تي عراقي پارليامينٽرين 170 ووٽن سان آمريڪي فوج کي عراق خالي ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي.جنهن جي جواب ۾آمريڪا عراق کي چيو ته “اسان عراق ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ تي وڏو خرچ ڪيو آهي،اُهي وٺڻ کانسواءِ نه وينداسين۽ ايران جي 52 اهم جڳهين کي نشانو بڻائينداسين ۽ گڏوگڏ ايراني ثقافت جي ٻن اهم جڳهين کي نقصان رسائينداسين” جڏهن ته ترڪي، روس ۽ چين ايران جي ساٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد، قاسم سليماني کي آمريڪا پاران قتل ڪرڻ تي چيو ته “مسلمانن جي ذلت جو سبب آمريڪي نظام ۽ آمريڪا تي انحصار آهي ۽ آمريڪا اسلام جو کليو دشمن آهي.”
پاڪستان کي سڀ کان پهرين ايران تسليم ڪيو هو،اقوام متحده ۾ پاڪستان جي رڪنيت لاءِ ووٽ ڏنو هو،1965ع جي جنگ دوران ايران اسان جي هوائي ۽ قومي ايئرلائينس کي اِها سهولت مهيا ڪئي هئي ته مسافر ۽ جنگي جهاز ايران جي اڏن تي بيهارين،ايران هر موقعي تي اسانجو غير مشروط ساٿ ڏنو آهي، خود اسان جي فوجي اداري ايس پي آر پاران به موقف ايندو رهيو ته “اسانکي ايراني بارڊر کان ڪڏهن به ڪو خطرو نه رهيو آهي” ليڪن اسان جي حڪمرانن پاران ايران جي فوجي سپھ سالار جي شهادت تي ڪو رسمي تعزيتي بيان به جاري نه ٿيڻ اسان جي بي حسيءَ جو وڏو ثبوت ثابت ٿيو.ياد رهي ته جڏهن اسامه بن لادن تي آمريڪي حملو ٿيو هو ته پاڪستان اُن جي سخت مذمت ڪئي هئي، ليڪن پاڙيسري دوست ملڪ جي جرنيل جي قتل تي اسان جا چپ سِبيل رهيا،جنهن تي قومي اسيمبلي جي ميمبر خواجه آصف چيو ته“چند ڊالرن جي عيوض پاڪستاني خارجه پاليسيءَ کي وڪيو ويو آهي” جڏهن ته تجزيه ڪار اياز امير پنهنجي تاثرات ۾ چيو ته“ٻي جنگِ عظيم کانپوءِ قاسم سليماني جهڙي مزاحمتي شخصيت مسلم دُنيا ۾ پيدا نه ٿي آهي. عراق ۾ داعش کي ڀڄائڻ ۽ شڪست ڏيڻ قاسم سليماني جو وڏو ڪم آهي. شام ۾ صدر بشارالاسد جي حڪومت کي بچائڻ ۾ قاسم سليماني جو اهم ڪردار هو.”
عام طور تي اِهو سمجهيو ٿي ويو ته ايران پاران آمريڪا کان پلاند وٺڻ هڪ جذباتي ردِ عمل آهي ۽ اِهو ممڪن ئي نه آهي ته ايران آمريڪا خلاف ڪو حملو ڪري. آمريڪا کي اِهو اندازو ئي نه هو ته زنده قاسم سليماني کان وڌيڪ شهيد قاسم سليماني آمريڪا لاءِ خوفناڪ بڻجي ويندو،عام ماڻهو اهو سمجهي رهيا هئا ته ايران جيڪڏهن حملو به ڪندو ته جيئن رواجي طور حملا ٿيندا آهين ته اُن ۾ عوام کي رت ۾ وهنجاربو آهي.جهڙي طرح اڄ به يمن ۾ سعودي حڪومت بيگناھ شهرين کي موت جو کاڄ بنائي رهي آهي يا افغانستان ۾ انساني زندگين جا ڏيئا وسايا ويا ۽ ڪيترن ملڪن ۾ اِها راند جاري آهي.اهڙي طرح ايران به رسمي حملو ڪري انساني حياتين کي نشانو بڻائيندو پر انهن اِن ڳالھ تي غور نه ڪيو ته ايراني قيادت يا عوام اهڙي مڪتب سان لاڳاپيل آهي جن وٽ هر فيصلي کان اڳ “عدل” بنيادي فارمولو آهي. اُهي هر معاملي ۾ علي عليه السلام جي طرزِ زندگي کي نظر ۾ رکندا آهن. جڏهن جنگ صفين ۾ مخالف ڌُر علي عه جي لشڪر جو پاڻي بند ڪيو ۽ علي عه جي جرنيل مالڪِ اشتر جنگ ڪري پاڻيءَ تان قبضو ختم ڪرايو ۽ پوءِ حضرت علي عه کي چيو ويو ته مخالفن اسانجو پاڻي بند ڪيو هو. اسان وٽ جواز آهي،اسان ان جو پاڻي بند ڪريون ته علي عه فرمايو جيڪڏهن آءُ به ساڳيو ڪم ڪريان ته پوءِ مون ۾ ۽ منهنجي مخالف ۾ ڇا فرق رهندو ۽ پاڻي ته هر ذي روح جو فطري حق آهي،آءُ ائين نٿو ڪري سگهان.اهڙي طرح ايران آمريڪي عوام کي رت ۾ لت پت ڪري انتقام وٺڻ بدران آمريڪا کي دُنيا ۾ اڪيلو ڪري، وچ اوڀر ۾ سندس تسلط ختم ڪري،اسرائيلي جارحيت جي نابودي واري حڪمت عملي کي انتقام سان تعبير ڪيو.هڪ پاسي قاسم سليماني جولاش دفن ٿي رهيو هو ته ٻي پاسي اُنهيءَ مهل ئي ايران عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ڀرپور حملو ڪري نه صرف انهن کي تباھ ڪري ڇڏيو پر سوين فوجي صفحئه هستيءَ تان مٽائي ڇڏيا. آمريڪا جي ڌمڪين مان هوا نڪري وئي. قاسم سليماني جي قتل تي دُنيا ۾ ٿيندڙ گريي هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏنو،هڪ نئين انقلابي سوچ کي جنم ڏنو.شهادت جي ٻي ڏينهن قاسم سليماني جي ڌيءَ زينب سليماني جي شعلهءَ بيان تقرير جنهن ۾ هُن آمريڪي صدر ٽرمپ کي مخاطب ٿي چيو ته “تون منهنجي والد سان مقابلو ڪري ئي نٿي سگهين،تو ۾ جيڪڏهن ايتري جرئت هئي ته ان جي سامهون اچي مقابلو ڪرين ها” عوام جي جوش ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو.
قاسم سليماني جو سفر عشق به عجيب هو، سندس جنازو پهرين ڪاظمين آيو، امام موسى ڪاظم جي روضي جو طواف ڪرايو ويو، اُتان ڪربلا ۾ شهيدِاعظم امام حسين عه جي روضي تي حاضري کانپوءِ نجف اشرف ۾ مولا علي عه جي دربار ۾ حاضري،اُتان خوزستان (سندس رهائش گاھ)۽ مشهد مقدس جو طواف ڪرائي پوءِ قم ۾ معصومه قم سلام الله عليها وٽ حاضري ٿي.
قاسم سليماني جي قتل تي آمريڪا جي ڊيميوڪريٽڪ جو موقف هو ته ٽرمپ وڏو رسڪ کنيو آهي،هن ڪانگريس جي اجازت کانسواءِ جنگ شروع ڪري آمريڪا کي تقسيم ڪري ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ ٽرمپ مواخذي جي تحريڪ کان به ذري گهٽ بچي ويو.
بهرحال ايڏي وڏي سانحي تي اسلامي ملڪن پاران آمريڪا ۽ آلِ سعود جي دلالي ڪندي، پري بيهي تماشو ڏسڻ ۽ مدد ته پري پر ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍڻ لاءِ ڪنهن جا هي جملا صفا ٺهڪي اچن ٿا ته “جيڪڏهن ڪير پڇي ته ايران سان اُمتِ مسلمه جو رويو ڪهڙو هو ته فقط اِهو چئجو ته جهڙو ڪربلا ۾ ڪوفي وارن جو هو“ اِها ڳالھ تاريخ ۾ نا قابل ترديد آهي ته ايران جي اسلامي قيادت جو آمريڪا جهڙي شيطاني طاقت سان مقابلو صرف ۽ صرف پنهنجي صاحبِ قدرت رب تي ڪامل يقين جو ئي نتيجو ٿي سگهي ٿو. جنهن لاءِ ايران جي اسلامي انقلاب جي باني آيت الله روح الله خميني جا اِهي لفظ اڄ به پڙاڏا بڻيل آهن ته”اسان وٽ خدا آهي. جڏهن ته پوري دُنيا جا دروازا اسان تي بند ڪيا ويا وڃن ته به الله جي رحمت جا درواز اسان لاءِ کليل آهن“
حقيقت به اِها آهي ته فڪرِ حسيني سان سرشار قوم يزيدي فڪر جي رعب ۽ دٻدٻي کي ڪجھ سمجهندي ئي نه آهي،عزاداري جي مڪتب سان جذبئه قربانيءَ جو درس وٺڻ وارا ذهن جون حبشي، زُهير بن قين، بُرير همداني،حبيب ابن مظاهر۽وهب قلبي جهڙن ڪربلائي ڪردارن مان ئي قاسم سليماني جهڙا ولي پيدا ٿيندا آهن،۽عاشورائي مقتل گاھ جي مڪتب مان نڪرندڙ فرد جيڪي ڪربلا مان پنهنجي لاءِ ڪفن وٺي، روضه امام حسين عه سان ڇُهي کڻي اچن،جنهن روضي تي ڪاري جهنڊي بدران ڳاڙهي رت جي رنگ وارو علم ڦڙڪي رهيو هجي جنهن تي“يا لثارات الحسين“يعني“اڃان حسين عه جي قتل جو پلاند رهيل آهي“انهن لاءِ موت جي ڌمڪين کان مرعوب ٿيڻ منطقي لحاظ کان سوچ ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه ئي نه آهي.
قاسم سليماني تاريخ نه پر تاريخ ساز ڪردار جي جڳھ ولاري ورتي،جيڪو هر دئور ۾ وحشي ۽ درنده صفت ڪردارن لاءِ خوف جي علامت،حُريت ۽ بيدار ضميرن جي لاءِ ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ جي اهڃاڻ طور زنده رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button