مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، خيرپور ۾ ليڪچر پروگرام

مهراڻ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ۾ ڪوالٽي انھانسمينٽ سيل پاران استادن ۽ شاگردن لاءِ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. پاڪستان جي ماياناز اسپيڪر طاھر محمود چوڌري تعليمي ادارن ۽ انڊسٽريز جي درميان تعلق ۽ شاگردن جي ڪيريئير ڪائونسلنگ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.
اسپيڪر طاھر محمود چوڌري ليڪچر ڏيندي چيو تہ تعليمي ادارن لاءِ ضروري آھي تہ ھو انڊسٽريز سان ويجهو تعلق قائم ڪن تہ جيئن شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ دوران انٽرنشپ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوڪري آساني سان ملي سگهي ۽ ساڳي ريت شاگردن پنھنجيون گرمي جون موڪلون انٽرنشپ ۾ گذاري تجربو حاصل ڪن جيڪواڳتي ھلي انھن کي ڪم ايندو. انھن وڌيڪ ڇيو تہ سٺي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي سٺا اخلاق بہ اپنائڻ گهرجن جيڪي انھن کي سٺو انسان بڻجڻ ۾ مدد ڪندو. تقريب جي پڄاڻي ۾ معزز مھمان جو شڪريو ادا ڪندي ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي چيو تہ اسان جي خوشقسمتي آھي جو محترم طاھر محمود چوڌري جھڙو ماياناز اسپيڪر اڄ اسان جي اداري ۾ آيو آھي ۽ جنھن شاگردن جي شخصيت جي تعمير تي مفصل ليڪچر ڏنو ۽ موضوع جو ڪو بہ پاسو نہ رھايو. ان کان پھريان ڪوالٽي انھانسمينٽ سيل جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سجاد علي منگي معزز مھمان کي ڀليڪار ڪيو جڏھن تہ ڪيمپس جي ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس پروفيسر ڊاڪٽر حيدر عباس موسوي آيل معزز مھمان کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو. ليڪچر پروگرام ۾ ڪيمپس جي استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button