جئيرا آھيون جهان ۾ وڏو معجزو آ۔۔۔
ايڊووڪيٽ صفيه لاکو
اسان هن معاشري ۾ جتي نياڻين کي تعليم ڏيڻ فخر محسوس ڪن ٿا پر ايڏي شعور جي دنيا ۾ موڪلڻ کانپو ء جڏهن اها نياڻي پنهنجي مرضي سان ڪٿي پنهنجو جيون ساٿي ڳولي ٿي ته ڀائرن توڙي بابا سائين جي غيرت جاڳيو پوي پنهنجا وڏڙا ياد اچيو وڃن ته اسان جي وڏن نه ڪيو اسان ڪيئن ڪيون اسلام ۾ ته اهو ڪٿي به نه آهي ته ولي جي رضا مندي ضروري آهي
ڇوڪرو ڇوڪري راضي نه هجن ته به نڪاح ٿي وڃي ٿو ھي ڪهڙو ظلم آهي ۔ اسلام ۾ ته اهو ڪٿي به نه آھي ته صرف ولي جي راضي ٿيڻ سان نڪاح ٿي وڃي ٿو نڪاح ته ٻن وجودن جوراضپو آهي جيتوڻيڪ ڪوڙ ين رسمن ۽ انا ئن کي اهميت حا صل هجي ها ته ڪڏهن به نڪاح ڪرڻ کان پهرين ڇوڪري کان اجازت نه ورتي وڃي ها خدا جي واسطي رحم ڪيو نياڻين تي جيڪي توهان جي ڪوڙ ي انا جي ڪري هڪ اهڙي زندگي ڀوڳي رهيون آهن جو ايتري تعليم حاصل ڪرڻ کانپو ۽ هڪ سٺي ھنڌ نوڪري کانپو۽ پنهنجي زندگي لا۽ جيون ساٿي جو انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پيو ن آهن ۽ نفسياتي ٿي ويون آهن ڇو جو خاندان جي عزت جو مسئلو آھي منهنجي هڪ آفيسر دوست هڪ د فعو مونکي چيو ته يار اڪيلائي جي زندگي ماري وڌو آھي مون هن کي چيو آزاد آھين خودمختار آهين ۽تنهنجو ڪلاس ميٽ اڃان تنهنجي انتظار ۾ ويٺو آهي وڏي ڏک سان جواب ڏنائين ته ان کي مهينو اڳ چيم ته منهنجي ڪري زندگي نه ختم ڪر ڪنهن سٺي ڇوڪري سان شادي ڪر مان تولا۽ نه آهيان ان ڪلهه ٻئي ڇوڪري سان مڱڻي ڪئي آهي الله خوش رکيس ائين چوندي هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا مون ڪاوڙ ۾ چيومانس چري ٿي وئين هئين ڇا جو ائين ڪئي ايڏي وڏي سيٽ ا ٿئي الله عزت ڏني اٿئي ۽ ايترن سالن کان هو ويچارو تهنجي انتظار ۾ هو. پو۽ ڇا ڪيان گهر ۾ جيئن ئي ڳالهه ڪيم قيامت اچي وئي ڀائرن جا امان بابا کي طعنا اسان ته چيو پي ائين ٿيندو ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين ته ڀيڻ پڙهي ڊيوٽي وٺي ٻاهر شادي ڪئي ننڍي ڀيڻ جي پڙهائي تي پابندي لڳي وئي ته هڪڙي ڪارناما ڪيا آهن وري تون الائي ڇا ڪرين۔ مون ڪڏهن نه سوچيو هو ته خاندان ايڏو پڙھيل هوندي به ائين ڪندو آخر منهنجي محبت هارائي وئي دنياجي رسمن آڏو ۽ منهنجي محبوب جا آخري لفظ هئا ته آئون سيٽ ۽ پيئسي جي نشي ۾ ھن سان بيوفائي ڪئي آهي اصل ۾ بيوفا ڇوڪرو يا ڇوڪري نه بيوفا ته حالات هوندا آھن ڪيڏي نه بدقسمت آهيان مان جو سڀ ڪجهه هوندي به ڪجھ نه آهيان ڪاش ڪنهن هاري جي ڌيءُ هجان هان ته اهو ڏک نه هجي ها ته منهنجو بابا شعور جي دنيا ۾ ھوندي به ائين ڪري رهيو آھي محسوس ٿيو ته هوءَ درد جي پيڙاءمان گزري رهي آھي صوفي آئون مري چڪي آھيان مان مرڻ ٿي چاهيان ان کان پهرين جو هي ماڻهو مونکي چريو چئي پٿر هڻڻ شروع ڪن هو مونسان ڳلي ملي روئڻ لڳي مون هن کي چيو ايترو ڪجھ ٿيو تو مونکي ڇو نه ٻڌايو آئون تهنجي ان ڀاء سان ڳالهايان هان جيڪو عورتن جي حقن واري تنظيم ۾ آهي تون ڇاٿي سمجهي مون انکي نه چيوهوندو . انهيَ ڀاء ته شرافت جا ليڪا لنگهي منهنجي ڪمري ۾ پسٽل کڻي مارڻ لاءآيو ته ڪاري آهين اهو ته امان جي رڙين تي گهر جاڳيو ان وقت دل چئي رهي هئي ته جيڪر مري پوان امان جي لفظن منهنجي ضمير کي جهنجهوڙيو جيڪا منهنجي ڀاء کي چئي رهي هئي ته جنهن ڀيڻ ڪمائي توهان کي هن منزل تي پهچايو آئون انکي ذلت جو موت نه ڏيڻ ڏيندس ائين ڏوهاري نه هوندي به آئون گنهگارٿيس ڀاءُ جو چوڻ ھو ته عورتن جي تنظيم ۾ صرف پگهار جي ڪري آهيان اهو نه سمجهجهان ته آئون توکي پنهنجي خاندان جي رسمن کي پائمال ڪرڻ ڏيندس ۽ اھو ڀاء جنهن جي شادي تو پاڻ اردو ڳالهائيندڙن مان ڪرائي هئي هن جي پسند سان ۔جڏهن ته سڄو گهر ان خلاف هو ڇو جو ان جي مڱڻي پنهنجي ماسات سان ٿيل هئي ا ن چيو ته مان جيستا ئين جيئرو آهيان پنهنجي خاندان جي عزت خراب نه ڏيندس پر جڏهن پنهنجي ماسات کي ڇڎي ٻئي ڇوڪري سان شادي ڪيائين ته تڏهن ھن کي پنهنجي خاندان جون رسمو ن ۽ عزت ياد نه آئي ۔ بس ھو ڇوڪرو آھي آئون ڇوڪري آھيان يار آئون ڇوڪري آهيان. هڪ قرب هو هن جي لفظن ۾۔ توکي ڪنهن سائڪٽرسٽ ڏي وڃڻ گهرجي مون هن کي چيو ۔ ڇا فائدو هي مسئلا ته اتي ئي رهندا ڇا سائڪٽرسٽ اهي مسئلا حل ڪندو هن مونکي جهنجهوڙي روئندي چيو۔ مون هن کي چيو همٿ مان ڪم وٺ الله بهتري ڪندو. ڇا بهتري ٿيندي هن ڪوڙي انا ۽ رسمن پٺيان ڪيتريون ئي حوا ڄايون ابدي ننڊ سمهي پيون ھاڻي زندگي بار ٿي لڳي.صوفي منهنجي دل ٿي چوي ته عمر جي هن حصي ۾مونکي به ڪو امان چوڻ وارو هجي توکي خبر آهي ته ارم جو موت طبعي نه هو پر هن جي چاچي هن کي ڪاري ڪري ماريو هو ۽ ھن جا ماءُ پيءُ اھو سڀ خاموش تما شائي ٿي ڏسي رهيا هئا ۔ او منهنجا الله ائين ڪئين ٿو ٿي سگهي ارم جي فيملي ته تمام هاءِ فاءِ ھئي ۽ ارم ته ٻاهر پڙهڻ لا۽ به وئي ھئي توکي غلط فهمي ٿي آهي. ها اها ٻاهر وئي ھئي اتي ئي ڪو فيملي فرينڊ پسند اچي ويس گهر ٻڌايائين ته ماءُ چيس تهنجو سوٽ سان رشتو ٿيل آهي اهو ڪڏهن نه سوچجان پوءِ هن ٻاهر ئي ان ڇوڪري سان نڪاح ڪري ڇڎيو ۔ پرهوءَ چري ان ڳالهه کان بي خبر هئي ته ان جو نتيجو ڇا ٿو ٿي سگهي ۔ هن جي ما۽ ھن کي چيو اڃان ڪنهن کي خبر نه پئي آھي اسان جي به عزت جو مسئلو آھي تون هتي واپس اچ ته اسان پنهنجي گهران تنهنجي رخصتي ڪرايون جئين اسان جي عزت بچي پوي .
مون هن کي ڏاڍو منع ڪيو ته جتي آھين خوش ره خدا جو واسطو اٿئي هتي نه اچ ۔ پر هو ماءُ پيءُ کي ڏسڻ لا۽ ايڏي آتي هئي جو منهنجي هڪ به نه مڃيائين جنهن رات هوءَ گهر آئي صبح جو خبر پئي ته ارم جو موت ٿي ويو خبر نه پئي ته اهو سڀ اوچتو ڪئين ٿيو ۔ان شام جو هن مونڏي ڪال ڪئي هئي . ته چاچا آيو هو۽ چيو ھئائين ته تون منهنجي ننهن هئين اهو سوچيو به ڪيئن ته ٻئي ڪنهن جي ننهن ٿيڻ ڏيندس .سوچي وٺ رات تائين ٽائم ڏيان ٿو . يار مونکي ڀلي گهروارا ماري ڇڎين جنهن جي آهيان ان جي آھيان مون ان کي چيو ته مون توکي منع ڪيو هو ته نه اچ تون نه اچين هان يار مونکي امان روئي روئي گهرايو هاڻي چوي ٿي ته خبر هجي ها ته اهڙي نڪرندي ته پيدا ٿيندي ئي توکي ماري ڇڏيان هان . آئون موقعو ڏسي پنهنجي مڙس ڏي نڪري وينديس هن ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي جنهنڪري هن کي ماريو ويو هوندو ۔صوفي آئون ارم وانگر موت نه ٿي چاهيان ۽ اگر ڪلاس ميٽ سان بغاوت ڪري شادي به ڪيان هان ته ڪيترو عرصو روپوشيء جي زند گي گذاريون هان سڄي عمر ان خوف ۾ هجي ها ته اوچتو مان منهنجا ٻار سڄو خاندان اوچتو ڪنهنن ظالم جي گولين جو کاڄ ٿيون هان ۽ اسان جو سماج پسند جي شادي کي سٺو نه ٿو سمجهي مونکان اهو بدنما داغ نه کنيو ٿي ھان بس محبوب جو بيوفا وارو الزام کنيو اسين ته شاهه جون سورميون آھيون هي سماج ڇو اسانجي وجود کي لتاڙي ٿو اسان جا احساسات ماري ٿو زندگي بار ٿي لڳي ڪٿي اسانکي سنڱ چٽي ۾ ڏنو وڃي ٿو ڇو؟ شادي ڀائر ڪن ڀوڳيون اسان۔ ڪٿ اسان نياڻي ميڙ ٿي وڃون خون مرد ڪن ۽ اسان پنهنجي عزت نفس کي ماري ميڙ ٿي وڃون . ڇا اسانجون خواهشون ڪي معنىٰ نه ٿيون رکن اسان جي ڪيس کي ڪهڙي عدالت ۾هلائيندين اگر جي اسان کي اهي حق ڏيارڻ جو سوچي به ته نه ڄاڻ هن معاشري جا ماڻهو تهنجي راه ۾ ڇا رڪاوٽون وجهن ڇو جو اهي ڊڄن ٿا ا سان کان ته جڏهن اسان پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لا۽ نڪتيوسين ته هنن جون ڪمزوريون ظاهر ٿي پونديون مون وٽ ته ان کي آٿت ڏيڻ لا۽ ڪي لفظ به نه هئا بس اهوپئي سوچيم ته ايترو ڪجه ٿيڻ باوجود
۔۔جئيرا آھيون جهان ۾ وڏو معجزو آ۔۔۔۔