ٽنڊو محمد خان

ٽنڊومحمدخان: وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بجيٽ جي شفافيت عوام آڏو ظاهر ڪرڻ جو مطالبو

فهيم ڀٽي، ٽنڊومحمدخان

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بجيٽ جي شفافيت عوام آڏو ظاهر ڪرڻ جو مطالبووفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بجيٽ جي شفافيت عوام آڏو ظاهر ڪن اسان وفاق ۽ صوبن کي 52 دراخوستون موڪليون ته بجيٽ بابت آگاهي ڏني وڃي ڪنهن هڪ درخواست جو به جواب نه ڏنو ويو اهڙن خيالن جو اظهار سٽيزن نيٽ ورڪ فار بجيٽ اڪائونٽيبلٽي جي ممبر تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر اصغر لغاري پاران پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ڪيو هن چيو ته عوام کي پڻ بجيٽ جي جوڙ جڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پارليمنٽ جي سڀني ميمبرن کي بجيٽ تي بحث و مباحثي جو هڪ جيترو وقت ڏنو وڃي حڪومتن کي بجيٽ بابت 3 ماهي ۽ 6 ماهي رپورٽ شايع ڪرڻ گهرجي جڏهن ته آڊٽ رپورٽ پڻ ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وڃي جئين عوام کي معلومات ملي سگهي حڪومتون خرچن جا انگ اکر بروقت شايع نٿيون ڪن جڏهن ته بجيٽ جو خرچ بجيٽ پيش ڪرڻ وقت ئي پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن سان مونجهارو پيدا ٿيندو آهي بجيٽ جي شفافيت لاء حڪومتن کي اثرائتا قدم کڻن گهرجن اسين مطالبو ٿا ڪريون ته معلومات جي فراهمي تي مبني صاف شفاف ۽ کليل بجيٽ پاليسي واضح ڪئي وڃي ان موقعي تي ونود ميگهواڙ ، غلام شبير ، موسى قمبراني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button