قبوسعيدخان

قبوسعيد خان: محرم الحرام جي سلسلي ۾ عزاداي سيد الشهداء جو جلوس سخت حفاظتي پھري هيٺ بر آمد

شبيرمگسي، قبوسعيدخان
Matamdari at Qubo Saeed Khanقبوسعيد خان ويجهو ڪچي پل ۾ هر سال جيان هن سال بہ 7 محرم الحرام تي الحسيني امام بارگاهه ڪچي پل ۾ عزاداي سيد الشهداء جو جلوس سخت حفاظتي پھري هيٺ بر آمد ٿيو جتي عزادارن زنجير زني، گرزن، تلوارن، جو ماتم ڪري ڪربلا جي عظيم شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ڪيترائي عزادار زنجيرن، چاڪن، تلوارن، ۽گرزن لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي پي پي ايڇ آء قبوسعيدخان پاران موڪليل ڊاڪٽرن جي ٽيم طبي امداد مرهم پٽي ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون مجلس عزا کي ذاڪرن خطاب ڪندي مولوي محمد علي جاگيراڻي ، ذاڪر فيض محمد عباسي ، فرمان علي چانڍيو ۽ ٻين چيو ته ڪربلا ۾ مقصد حسين پنهنجي ناني جي دين ۽ انسانيت بچائڻ لاء هو تخت ۽ تاج لاء ڪربلا جي جنگ نه هئي رڳو امت محمدي صلى الله عليه واله وسلم جي شفاعت امام حسين عليه سلام جو اصول هيو ان موقعي تي ڍي ايس پي شھدادڪوٽ يارمحمد رند ، ڍي ايس آر رينجرز شھدادڪوٽ عبدالروف، اي سي قبوسعيدخان ظهيب ضمير اوڍاڻو مختيار ڪار قبو سعيدخان گڏجي حفاظتي انتظامن جو نگراني پڻ ڪيو رينجرز جوانن سميت ضلع قمبرشھدادڪوٽ جي 5 ٿاڻن جن ۾ پي ايس صدر قمبر، ،پي ايس سنجر ڀٽي ،پي ايس امام بخش جمالي، پي ايس ربي، پی ایس قبوسعیدخان پوليس ايس ايڇ اوز اهلڪارن سميت ڍي آئي پي ۽ اسپيشل برانچ قبوسعيدخان جي جوانن ڍيوٽيو سر انجام ڏنا
جڏهن تہ مجلس کان اڳ ٽي ايم او قبوسعيد دلمراد مگسي ڪچي پل جي روڍ رستن مان انڪروچمنٽ ھٽرائي ڪري روڍ رستن کي جلوس نڪرڻ لا۽ ڪليئر ڪيو ويو
ان موقعي تي ننگر نياز ۽ سبيلن جو انتظام ڪيو ويو. جلوس جي اختتام تي پوري عالم اسلام ۽ ملڪي سلامتي ۽ بقا لاءِ خاص دعائون گهريون ويون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button