آرٽيڪل

ايران جي صدراتيءَ اليڪشن ۾ ڪهڙو اميدوار چونڊيو ويندو !

محمد اظهر رند

ايران جو سڀاڻيءَ 18 جون تي 13 هون صدارتيءَ اليڪشن آهي جنهن تي پوريءَ دنيا جي ملڪن جون توجهه جو مرڪز بڻيل آهي جنهن ۾ پوري ملڪ جي عوام کي وڏي بيچينيءَ سان انتظار آهي جنهن ۾ شهريءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ملڪ ۾ نئون انقلاب آڻيندا ۽ پنهنجي ملڪ جي خوشحالي جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندا ايران ۾ قائم اسلامي جهموريءَ نظام ۾ صدارتيءَ اميدوار کي هڪ اهم مقام حاصل آهي جيڪو سربراهه مملڪت ۽ پوري ملڪ جي ايڊمينسٽريشن جو سربراهه ۽ آئين جي شق نمبر 113 جي مطابق سپريم ليڊر کانپوءِ هي وڏو عهدو آهي جيڪو قانون نافذ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو .ايران جي صدارتيءَ اليڪشن جي شفاف ۽ آزادنه ڪرڻ جي ذميواري وزارت داخله جي ذميواري هوندي آهي جيڪو هڪ هن مرحلي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙيندو آهي جنهن ۾ مجلس جو هڪ سينئر رڪن اٽارني جنرل وزير انٽليجس ۽ ستون نامور مذهبي سياسي ديني سماجي ۽ ثقافتي شخصيات هن ڪميٽي جا ميمبر هوندا آهن هن دفعي هن صدارتيءَ اليڪشن ۾ 7 اميدوار اهل ٿيا آهن لاريجاني سميت ڪيترائي معروف اميدوار نااهل ٿي چڪا آهن ايراني سپريم ڪورٽ صدارتيءَ اليڪشن ۾ ڪل اميدوارن جنهن جو تعداد 592 هو جنهن مان 7 اميدوار اهل ٿيا باقيءَ اميدوار نااهل ڪيو ويو آهي ايراني جي پارلياماني جي گذريل اسپيڪر علي لاريجاني کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي جيڪو تبصرن جو خيال هو ته هن 2015 ع ۾ ايران جي جوهري هٿيارن هن حمايت ڪئي هئي جنهن جي هي اميدوار ابراهيم رئيسي جي مقابلي ۾ مضبوطي جا چٽا امڪان هئا ،هن ڀيري اميدوارن ان ۾ ابراهيم رئيسي سابق جوهري مذاڪرات جو سعيد جليل پاسدار انقلاب جو سابق ڪمانڊو محسن رضائي ايران جو مرڪزي بئنڪ جو سربراهه عبدالناصر هيماني ڊپٽي پارليامينٽ اسپيڪر عامر حسين غازي زادي سابق صدر مهر علي زادي ۽ سابق قانون ساز علي رضا زڪائي شامل آهن . ايران جو موجودهه صدر 2013ع ۾ پهريون دفعا موجودهه صدر چونڊيو ويو ۽ اهو ساڳيو صدر 2017 ع ۾ ٻيهر چونڊيو ويو جيڪو چار سالن جو مدو هوندو آهي ۽ اهو اميدوار ٽيون ڀيرو صدر جي لاءِ اهل نه هوندو گارڊن ڪائونسل جي مطابق اليڪشن جي مقابلي لاءِ 40 کان 75 سالن جي وچ ۾ ڄمار ۽ ماسٽر جي ڊگري لازمي شرط رکيل آهي هن وقت دنيا جي عالمي طاقتن ايران جي جوهري منصوبي کي روڪڻ تي لاءِ ڪيتريون پابنديون لڳائي ويون آهن ته اتي ڪجهه مهينيءَ اڳ يوڪرين جو مسافر جهاز ايران ميزائيل سان تباهه ڪيو هو جنهن ۾ 176 مسافر ۾ ٻارڙا به شامل هئا جيڪي سڀ شهيد ٿي ويا اهڙي افسوناڪ واقعي سان دنيا جي ملڪن هن سان تعلقات ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻي هاڻ اهو ڏسڻو آهي نئون صدر لاءِ ملڪ کي جيڪو نقصان رسيو آهي ان کي ترقيءَ جي واٽ ته ڪيئن آڻيندو اهو هڪ سوالي نشان آهي جيڪو وقت اچڻ تي ظاهر ٿيندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button