آرٽيڪل

غير آئيني طرح سان زمينون ڳڙڪائيندڙ بحريا ٽائون مافيا !

محمد اظھر رند

Azhar Rindسنڌ جي زمين تي قبضيءَ جي يلغار قديميءَ دور کان هلندڙ آهي انهن جي مزاحمت غيرتمند ڪردار سان به سنڌ پوئتيءَ نه رهي آهي هن ڌرتيءَ اهڙا جوڌا پيدا ڪيا آهن جيڪي سنڌ امڙ سان نيهن نڀايو آهي ، انهن اهڙي انمول ڪردارين سان تاريخ ڀري آهي جنهن رت جي آخري ڦڙي تائين ننگن دنگن تائين وڙهه ڪئي . هن رياست ۾ جڏهن کان وٺي سنڌ شامل ٿيو آهي شايد ايڏو نقصان برصغير ۾ به نه رسيو پهرين ڌچڪو هتان جا اصلوڪا راهوڪا ديوانن کي جلاوطن ڪيو هن رياست ۾ اهڙا قانون پاس ٿيا آهن جيڪي ٻين صوبي جا ماڻهن کي ملڪ جي ڪنهن به ڪنڌ ۾ ملڪيت وٺي سگهجي ٿو جنهن سان سنڌ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ان سان ڌاريا آبادڪار ۾ اضافو ٿيو آهي ، هلندڙ وقت ۾ سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾سنڌين کي عالمي سازش تحت اصلي ڌرتيءَ ڌڻن کي غلامي جي زنجيرين ۾ ڌڪيو پيو وڃي جنهن جي سازش عالمي سامراج قوتون ملوث آهن ڪڏهن سامونڊي ٻيٽ تي وفاق جي والار ته ڪڏهن ڪارونجهر جبل جي قيمتي پٿر جي ڪٽائي ڪڏهن سنڌو درياءَ جو پاڻيءَ جو چوري ته ڪڏهن ذوالفقار آباد جهڙا شهر اڏي ته ڪڏهن جمپير جون زمينون فوجي ڇانوڻن حوالي ڪرڻ هي سڄو قصو سنڌ کي اقليتي ۾ تبديل ڪرڻ آهي شهرين سان گڏوگڏ شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل غير قانوني طرح سان ٻه هزارين روپين تي تيارٿين پيا اهڙو هاڃان ٿين هن ڀيري هن ڀنڀور ۾ پر هن جو نوٽيس ڪير وٺندو اهو هر غيرتمند سنڌي کي بي صبري سان انتظار آهي اچو ته هنن عالمي سازشن سان جنگ جوٽيون شوم سان وڙهه ڪريو جنهن سان پنهنجن ننگن سان نينهن نڀايو تڏهن ته اياز سچ چيو هو ته
لوڏ هن سماج کي ڌوڏ هن سامراج کي
ٺاهه ڪو نئون نظام چئي چڱو عوام
هي نظام آ خراب ڳاءَ انقلاب ڳاءِ انقلاب( اياز) .
هن موجودهه وقت ۾ جديد سنڌ مٿان يلغار بحريا ٽائون جي شڪل ۾ ٿي رهي آهي جنهن سان سنڌ سنڌين جو اباڻو وطن پيرين هيٺان کسڪيندو پيو وڃي جنهن جو مقابلو عقل سوچ بهادري سان ڪرڻو پوندو اتان ڪراچي سميت ڪوهستان جي ناياب زمينن تي فرعون ملڪ رياض جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن سان سنڌ جي ايندڙ نسلن جي دنگن جو مسئلو آهي جنهن جي مزاحمتيءَ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جنهن سان سنڌ بچي سگهجي ٿي اهڙي والار جئين آسرائيل فلسطين تي قبضو ڪيو آهي آڄ اتي ڪهڙي حالت آهي اها منظر سڀني جي اڳيان موجودهه آهن ٻيو ته جڏهن هي رياست وجود ۾ آئي هندوستان مان آيل مهاجر پنجهتر سالن ۾ سنڌي سڏائڻ ۾ عيب سهمجن ٿا اها الڳ وقتن به وقت صوبي جي عليدگيءَ جي ڳالهه ڪرين ٿا ڇا سنڌ کي سور ئي تڪليفون ڇو آهن بحريا ٽائون سنڌ لاءِ نانگ ثابت ٿي رهيو آهي هن سان گڏوگڏ ڊي ايڇ اي پروجيڪيٽ ڪڏهن گرين سٽي جي نالين سان سنڌ تي قبضي جي والار آهي جيڪو ائين نه ٿيڻ گهرجي هن هڪ لک ايڪڙ زمين تي اڏجندڙ بحريا ٽائون تي ٻه لک گهر تعمير ڪيا ويندا جنهن سان سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي ڪيتري ملير جي زمينون ۽ ڪوهستاني ٿاڻوبولا خان جي ديهه تي قبضو ڪيو آهي جيڪو سنڌي قوميت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي عالمي سازش آهي هن کي هڪ پوري قوم سگهاري طاقت سان مقابلو ڪري هن نئي اڏجندڙ منصوبي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻو پوندو سنڌ جي قومپرست ڌرين 6 جون تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اهو اعلان ڪيو آهي ته هن آچر تي بحريا ٽائون تي ان جي دروازي اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويندو اهڙِي اعلان سنڌ جي شعور کي جڳائي ڇڏيو آهي هن قومي ڪاڄ ۾ هر سنڌي پنهنجو ڪاڄ طور تي هن احتجاج ۾ شامل ٿي ڪري نئون آسرائيل جيان ٺهندڙ خلاف سخت آواز اٿاري دنيا تائين پهچايو ته سنڌ مٿان ڌارين جي يلغار ڪهڙي صورت ۾ قبول ناهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button